سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي ريگيولر ۽ فيلووئر اميدوارن جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽن ۾ 4 سالا بي بي اي (آنرز) پروگرام جي 4 سالا بي ايس آءِ ٽي، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ پروگرام جي حصو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون، ۽ بي سي آءِ ٽي حصو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون جا امتحان تمام جلد منعقد ڪيا ويندا. ان ڏس ۾ بنا ليٽ فيءَ جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 8 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 9 کان 16 فيبروري 2024ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ڪنٽرولر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته ريگيولر توڙي 2021ع ۽ 2022ع بئچ جا اميدوار پنهنجي اي پورٽل ذريعي آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته 2020ع يا ان کان اڳ واري بئچن جا اميدوار مينوئل فارم ڀري جمع ڪرائي سگهندا.