سنڌ يونيورسٽيءَ ۾”سنڌ جي لوڪ طب ۽ ثقافتي ورثي تي شهري زندگي، آفتن ۽ تحفظ جي حڪمت عملي جي اثرن جو جائزو” جي سري هيٺ پهرين ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس شروع

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل پهرين ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ۾ محققن ۽ ماهرن چيو ته موسمي تبديلين جي اثرن کان پاڪستان خاص طور سنڌ سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهي خطرا سڄي خطي لاءِ وڌيڪ تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا، عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون وٺڻ ۽ پاڪستان حڪومت جي مدد ڪرڻ کانسواءِ انهن چيلينجن کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو. اهڙو اظهار هنن گذريل ڏينهن هتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران “سنڌ جي لوڪ طب ۽ ثقافتي ورثي تي شهري زندگي، آفتن ۽ تحفظ جي حڪمت عملي جي اثرن جو جائزو” جي سري هيٺ محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل پهرين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سنڌ سميت پاڪستان جا مختلف علائقا سخت متاثر ٿي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ اهي خطرا سموري خطي لاءِ وڌيڪ تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته عالمي برادري ۽ امدادي ادارا موسمي تبديلي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي مدد ڪن ته جيئن ان اهم عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ قومي اسڪالرن ۽ عالمي ماهرن پاران ڏنل تجويزون صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن سان شيئر ڪيون وينديون ته جيئن اهي گڏجي بهترين طريقي سان منصوبابندي ڪري موسمياتي تبديلي جي اهم مسئلي مان نجات حاصل ڪري سگهن. وچ اوڀر بابت فنش انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سوزان ڊهلگرن قدرتي آفتن ۽ انهن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي حوالي سان پنهنجي تحقيق پيش ڪئي. هن سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ لاءِ مستقل مزاجيءَ تي زور ڏيندي چيو ته شهري زندگيءَ کان ٻهراڙيءَ جي زندگي بهتر آهي، جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. آغا خان يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي آف سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر اسٽيفن ليون پائيدار ماحولياتي وسيلن جي انتظام جي عالمي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آبهوا جي تبديلي جي نتيجن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن تي ضابطو آڻي قدرتي آفتن کي گهٽائي سگهجي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙو سنڌ جي ثقافتي ورثي تي موسمياتي تبديليءَ جا گهرا اثر بيان ڪيا. هن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي يادگارن جي مخصوص اڏاوتي خصوصيتن تي ڌيان ڏيڻ، سيرامڪس ۽ وال پينٽنگس جي استعمال تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ انهن جي تحفظ يقيني بنائڻ تي زور ڏنو. بعد ۾ ڪانفرنس ۾مختلف  سيشن شروع ٿي ويا، جتي اسڪالرن انهيءَ موضوع تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ان کان اڳ ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ نعت سان تقريب جو آغاز ٿيو، جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو ته سمورا مهمان احترام وچان اٿي بيٺا. ڪانفرنس کي استقبالي تقرير ڪانفرنس جي سيڪريٽري عبدالرزاق چنا ڪئي، بعد ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. تقريب ۾ ڪيترن ئي استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.