سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڳئين ڪلاسن ۾ داخل شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ داخلا في جمع ڪرائڻ جو سڀاڻي 16 مئي تائين آخري موقعو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڳئين ڪلاسن ۾ پروموٽ ڪيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون کي آخري ڀيرو سڀاڻي 16 مئي تائين پنھنجي داخلا فيس جمع ڪرائڻ لاءِ آخري موقعو ڏنو ويو آھي، ھو ھڪ ھزار رپيا ليٽ في سان پنھنجي داخلا فيس ۽ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگھن ٿا. فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن کي ڊفالٽر قرار ڏئي سندن اي پورٽل اڪائونٽ بند ڪيا ويندا ۽ داخلائن جي فهرستن مان سندن نالا خارج ڪيا ويندا، جنھن سبب ھو 20 مئي کان رٿيل امتحانن ۾ بھرو وٺي نه سگھندا. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي مختلف شعبن ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پنھنجن اڳئين ڪلاسن جي داخلا فيس جمع ڪرائڻ لاءِ آخري موقعو ڏيندي 16 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو موجب ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سڄو سيمسٽر گذارڻ باوجود ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران بار بار يادگيري وارا سرڪيولر جاري ڪرڻ باوجود داخلا فيس جمع نه ڪرائي. سڀاڻي 16 مئي تائين داخلا في ۽ امتحاني فارم جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن جا اي پورٽل بند ڪيا ويندا، جنھن سبب کين امتحاني سلپون/ ايڊمٽ ڪارڊ نه ملي سگھندا، نتيجي ۾ ھو 20 مئي کان رٿيل پھرين سيمسٽر جي امتحانن ۾ شرڪت ڪري نه سگھندا. ان سلسلي ۾ امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ڄاڻايو آھي ته شاگرد ھڪ ھزار رپيا ليٽ في سان سڀاڻي تائين پنھنجي داخلا فيس ھر حال ۾ جمع ڪرائين، جنھن ۾ سندن پنھنجي ڀلائي آھي. ھن چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنھن بھ درسگاھھ ۾ داخلا فيس ڏيڻ کانسواءِ شاگردن کان امتحان نٿو وٺي سگھجي، تنھن ڪري سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد پڻ فيس جمع ڪرائين ۽ امتحان ۾ ويھڻ لاءِ پنھنجي اھليت ثابت ڪن. ھن چيو ته 16 مئي تائين داخلا فيس جمع نه ڪرائيندڙ ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اھو سمجھيو ويندو تي ھو وڌيڪ پڙھائي ۾ سنجيده نه آھن، جنھن سبب سندن نالا داخلائن جي لسٽ مان خارج ڪري صرف اھل شاگردن ۽ شاگردياڻين جون فهرستون لاڳاپيل تعليمي شعبن کي موڪليون وينديون ته جيئن کانئن امتحان وٺي سگھجي. ھن صلاح ڏني ته سڀاڻي تائين داخلا فيس جمع ڪرائيندڙ شاگرد لاڳاپيل ڪاغذن سان گڏ امتحاني فارم ڀري سندس آفيس ۾ جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ کين امتحانن ۾ ويھڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.