سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي سائنس، اي ڊي سائنس هوم اڪنامڪس ۽ ايم اي پريويس توڙي فائنل جي سالياني امتحان 2025 لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 9 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف پروگرامن جي اهل اميدوارن لاءِ سالياني امتحان 2025ع جا آن لائين امتحاني فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 9 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله راشدي پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته اميدوار 5000 رپين جي ليٽ فيس سان گڏ 9 آڪٽوبر 2026ع تائين پنهنجا فارم آن لائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ اي ڊي آرٽس (ريگيولر ۽ ايڪسٽرنل)، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي سائنس، اي ڊي سائنس (هوم اڪنامڪس) ريگيولر پارٽ ٻيو، ايم.اي (پريويس-فيلوئر ۽ امپروور) ايڪسٽرنل ۽ ايم.اي (فائنل) ايڪسٽرنل پروگرام شامل آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ڪاليجن کي چيو ويو آهي ته اهي امتحاني فارم 10 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائين. امتحاني فيس آن لائن بئنڪنگ ذريعي جمع ڪرائڻي پوندي. ڪنٽرولر جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واڌ آخري ڀيرو ڪئي ويئي آهي، هن کان پوءِ تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.