سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلر ڊگري پروگرامن جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا، علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد، محترمه بينظير ڀُٽو شھيد ڪئمپس دادو، لاڙ ڪئمپس بدين، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ڪئمپسز ۾ بيچلر ڊگري پروگرامن جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا. وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو صبح واري پرچي دوران انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي دوري تي پهتو، جتي فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو سندس استقبال ڪيو ۽ کيس امتحانن لاءِ ڪيل تيارين ۽ انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وائيس چانسيلر مختلف بلاڪن ۾ وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مليو ۽ کانئن پرچن بابت  ڄاڻ ورتي.بعد ۾ هو ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز پهچي صبح واري هلندڙ پرچي جو معائنو ڪيو ۽ امتحان ڏيندڙ شاگردن سان پڻ مليو. امتحانن جي ٻي شفٽ دوران وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو آرٽس فيڪلٽي جي مختلف تعليمي شعبن سائيڪالاجي، فلاسافي، پوليٽيڪل سائنس، ڪرمنالاجي، سوشالاجي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، سنڌي، انٽرنيشنل رليشنز، اردو، جنرل هسٽري ۽ مسلم هسٽري جو دورو ڪيو ۽ ھلندڙ امتحانن جو جائزو  ورتو. ھن امتحاني بلاڪن ۽ امتحانن بابت ڪيل تيارين ۽ حفاظتي انتظامن جو به معائنو ڪيو ۽ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڊپارٽمينٽ آف فلاسافي جي دوري دوران شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر امر سنڌو وائيس چانسلر کي پنهنجي شعبي جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ ڪلاسن جي کوٽ بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي وائيس چانسلر کيس ڄاڻايل مسئلي کي تڪڙي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وائيس چانسيلر مختلف شعبن ۾ ھلندڙ امتحان دوران شاگردن کان سندن پرچن بابت پڻ دريافت ڪيو. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو، آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جو انچارج ڊاڪٽر مخمور بخاري ۽ بوائز هاسٽلز جو پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو  سميت مختلف شعبن جا سربراهه ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.