سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ريسرچ ۽ گريجوئيٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن جي گذارش تي آن لائين رجسٽريشن ڪرائڻ واري تاريخ ۾ 31 مئي 2024ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. نئين مقرر ڪيل تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/29/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ “معرڪه حق” جي سري هيٺ 7 مئي تي ري...
View Details → 04/30/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں “معرکہ حق” کے سلسلے میں 7 مئی کو ری...
View Details → 04/30/2026
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026