سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ريسرچ ۽ گريجوئيٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن جي گذارش تي آن لائين رجسٽريشن ڪرائڻ واري تاريخ ۾ 31 مئي 2024ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. نئين مقرر ڪيل تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/29/2024
Announcements
1024 x 768
ٿليسيميا کان بچاءُ ممڪن آهي: سنڌ يونيورسٽيءَ جي س...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماهرن سنڌ ۾ ڳوٺاڻي معيشت ۽ عوامي بهبود لاءِ موسمي ...
View Details → 10/16/2025
1024 x 768
ماہرین نے سندھ میں دیہی معیشت اور عوامی بہبود کے ل...
View Details → 10/16/2025