سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي امتحانن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 جون مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري شاهد حسين لاڙڪ پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي امتحانن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 جون 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ موجب اي ڊي آرٽس (ريگيولر ۽ ايڪسٽرنل)، اي ڊي سائنس ۽ اي ڊي ڪامرس (ريگيولر) حصو پهريون، ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي (حصو پهريون – فيلوئر) ۽ ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي (فائنل – فيلوئر) پوسٽ گريجوئيٽ سالياني امتحان 2022ع جا اميدوار 27 جون 2024ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ annual.usindh.edu.pk تي پنهنجا آن لائين امتحاني فارم ڀري سگهن ٿا. پڌرائيءَ موجب ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي (حصو پهريون – فيلوئر) ۽ ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي (فائنل – فيلوئر) جا اميدوار 27 جون تائين بنا ڪنهن ليٽ فيءَ جي فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته 28 جون کان 5 جولاءِ تائين 5000 رپيا ۽ 6 جولاءِ کان 13 جولاءِ تائين 10 هزار رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهبي.