سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسن ۾تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ ٽئين سال جي پنجين سيمسٽر ۾ داخلائون جاري آهن

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ ٽئين سال جي پنجين سيمسٽر ۾ داخلائون جاري آهن. آن لائين فارم ڀرڻ جي آخري تاريخ 17 سيپٽمبر مقرر ڪئي ويئي آهي. انٽرميڊيٽ پاس اميدوار داخلائن لاءِ اهل آهن، جڏهن ته انٽرميڊيٽ جي نتيجن جو انتظار ڪندڙ نوجوان پڻ داخلائن لاءِ اهل آهن. هو رجسٽريشن وقت پنهنجي فرسٽ ايئر جي مارڪ شيٽ اپلوڊ ڪري سگهن ٿا. رجسٽريشن وقت جنريٽ ٿيندڙ ايڊميشن پراسيسنگ فيس وارو چالان حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ يا وري موبائيل ايپ جي ذريعي جمع ڪرائي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ واضح هدايتون چالان تي موجود آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جاري آهي، جيڪا 17 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. هن ٻڌايو ته داخلا فارم آن لائين ڀرڻ سبب موڪل وارن ڏينهن جو به ڪو مسئلو ناهي، تنهن ڪري اميدوار 24 ڪلاڪن ۾ جڏهن چاهين، داخلا فارم ڀري سگهن ٿا. هن چيو ته آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ خواهشمند اڄ ئي داخلائن لاءِ رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ٻارهين ڪلاس جي نتيجن جا منتظر اميدوار پڻ داخلائن لاءِ آن لائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/11/2024
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025