سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي نظم ضبط برقرار رکڻ لاءِ سموريون هم نصابي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان، ڊي ايس اي سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو

 سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرامن ۽ منظم تدريسي ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز پاران ڪئمپس ۾ ٿيندڙ سموريون هم نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون ڪجھ عرصي لاءِ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڏي ايس اي ڊاڪٽر محمد يونس لغاري پاران جاري ڪيل هڪ سرڪلر ذريعي زور ڀريو ته ٻنھي شاگردن ۽ استادن جي گڏيل ذميواري آهي ته هو 2024 جي ٻئي سيمسٽر دوران ڪلاسز کي ڀرپور طريقي سان ھلائڻ لاءِ  ضابطن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪن. ھن چيو ته تدريسي مقصدن تي ڌيان ڏيڻ شاگردن ۽ يونيورسٽي ٻنهي لاءِ انتهائي اهم آهي. سرڪيولر ۾ شاگردن لاءِ ڪجهه لچڪ پڻ ڏيکاري اهو چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪجهه سرگرميون شاگردن جي تعليمي يا ذاتي ترقي لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ته شاگرد طئي ٿيل نظام ذريعي درخواست ڏئي سگهن ٿا ۽ گھربل جواز فراهم ڪري منظوري حاصل ڪري سگهن ٿا.