سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پھرين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ 13 آڪٽوبر تي ٿيندي، ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران پوائنٽ بسن جو روٽ پلان جاري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پھرين مرحلي ۾ پري انٽري ٽيسٽ 13 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندي، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ھوڏانھن ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران پوائنٽ بسن جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آھي. انٽري ٽيسٽ واري ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضي مين ڪئمپس ڄامشورو ۾ فيميل اميدوارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي ويهڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ قائم سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول، جڏهن ته مردن لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انٽري ٽيسٽ واري ڏينهن يونيورسٽي جون پوائنٽ بسون صبح جو ساڍي 7 وڳي ڪوٽڙي، سٽي گيٽ، ٽاور مارڪيٽ، اولڊ ڪئمپس، سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي فيز ون ۽ ٽو، حيدرآباد، لطيف آباد نمبر 5، 7، قاسم چوڪ، علي پئلس قاسم آباد، نسيم نگر، شاهين ڊيري، ايگريڪلچر ڪامپليڪس، بوائز ۽ گرلز هاسٽلز کان هلايون وينديون. ميل اميدوارن لاءِ سنڌالاجي وارو روڊ، جڏهن ته فيميل اميدوارن لاءِ ريلوي اسٽيشن جي سامهون وارو روڊ داخل ٿيڻ جا رستا مقرر ڪيا ويا آهن. پري انٽري ٽيسٽ ۾ ڊيوٽين لاءِ مقرر ڪيل استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ٽيسٽ واري ڏينهن اهي باب الاسلام گيٽ کان ٿيندا فزڪس واري روڊ کان ٽيسٽ سينٽر تي پهچن. انٽري ٽيسٽ دوران شاگردن جي سهولت لاءِ يونيورسٽيءَ جي مني هاسپيٽل پاران مختلف سينٽرن تي طبي ڪئمپون پڻ لڳايون وينديون ۽ ايمبولينسن جي موجودگيءَ کي به يقيني بڻايو ويندو.