سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ “شنگهائي تعاون تنظيم سمٽ 2024ع: علائقائي سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ رابطا” جي سري هيٺ سيمينار: مقررن ايس سي او سمٽ 2024ع کي پاڪستان لاءِ لاڀائتو قرار ڏيئي ڇڏي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ “شنگهائي تعاون تنظيم سمٽ 2024ع: علائقائي سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ رابطا” جي سري هيٺ هڪ اهم سيمينار ۾ مقررن چيو آهي ته وچ ايشيائي رياستون سمنڊ تائين رسائيءَ کان محروم آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان ايس سي او جي ميمبر ملڪن، خاص طور غير ساحلي وچ ايشيا کي سامونڊي رستو فراهم ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي اهم جاگرافيائي حيثيت ان کي جيو اسٽريٽجڪ، جيو پاليٽڪس ۽ جيو اڪنامڪس ۾ سرسي فراهم ڪري ٿي. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جن ۾ ڪوئلو، گئس ۽ ٻي معدنيات شامل آهن. پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۾ انهن قدرتي وسيلن جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. اهڙو اظهار هنن گذريل ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ “شنگهائي تعاون تنظيم سمٽ 2024ع: علائقائي سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ رابطا” جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄاڻايل سيمينار ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آزاد واپار ۽ محصولن جون پاليسيون لاڳو ڪيون وڃن ته پاڪستان ايس سي او جي ميمبرن ملڪن لاءِ هڪ اهم مارڪيٽ طور ڪم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ جي هڪ پوري تاريخ موجود آهي، انهيءَ تجربي ذريعي پاڪستان ايس سي او جي علائقائي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ڍانچي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرن کي سلامتيءَ جا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون سمٽ جي ميزباني ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان خطي جي صورتحال ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سمٽ اسان جي ملڪ لاءِ سفارتڪاري، اسٽريٽجڪ ۽ معيشت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو سنهري موقعو هو. هن چيو ته الحمدلله ڄاڻايل سمٽ ذريعي پاڪستان خطي ۾ پنهنجي اهميت ثابت ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي نامور مقرر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر مونس احمر ايس سي او ذريعي روس، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي، جيڪي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي رهيا آهن. هن چيو ته تازو اسلام آباد ۾ ٿيل سمٽ پاڪستان کي نه رڳو عالمي مذاڪرات ۾ فعال طور شامل ٿيڻ وارو ملڪ بڻايو، پر علائقائي اهميت جي حامل قدمن ۾ قيادت ڪرڻ وارو ملڪ به ظاهر ڪيو. هن چيو ته ڄاڻايل ڪانفرنس اهڙي وقت ۾ پاڪستان کي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هڪ ڀروسي جوڳي ڀائيوار طور سامهون آندو آهي، جڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي ڳولا ۾ مصروف هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي سيمينار جي مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ 23هين ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ سمٽ جي هدفن ۽ ان جي علائقائي سلامتي ۽ سهڪار تي پوندڙ اثر پڻ شامل هئا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيل سمٽ پاڪستان جي سفارتي حيثيت کي بلند توڙي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن چيو ته سي ايڇ جيءَ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ هلندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي. هن چيو ته ايس سي او تنظيم جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته اڳواڻن ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪيا. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ  چيو ته اسلام آباد سمٽ ۾ اعليٰ سطحي شرڪت مان ظاهر ٿيو ته ميمبر ملڪ پاڪستان کي علائقائي چئليجن کي منهن ڏيڻ ۽ سهڪار جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڀائيوار طور ڏسن ٿا، جنهن سان ملڪ جي سفارتي پهچ جي سنجيدگيءَ کي تقويت ملي ٿي. هن چيو ته سفارتڪاري هڪ عمل آهي، واقعو نه آهي. پروفيسر غلام مرتضيٰ کوسو عالمي تجارت ۽ علائقائي سهڪار ۾ ايس سي او جي اهميت تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تي اها تنقيد ڪرڻ ته هي پرڏيهين لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي، پر تازو ئي ايس سي او ميٽنگ ذريعي پاڪستان انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان هاڻي محفوط ملڪ بڻجي ويو آهي. ايريا اسٽڊي سينٽر جي انچارج ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي نمائندگي چين، روس، بيلارس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي وزيراعظمن سان گڏوگڏ ايران جي پهرئين نائب صدر ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير ڪئي، جيڪو علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ آهي. منگوليا رياست جي وزيراعظم مبصر طور ۽ ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير به خاص مهمان طور اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار جي خاتمي تي ايريا اسٽڊي سينٽر جي پروفيسر ڊاڪٽر نورين ميمڻ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.