سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو اسڪور مقرر، تعليمي دستاويزن جي اپلوڊ ۽ پسنديده چوائسز جي چونڊ لاءِ اي-پورٽل سڀاڻي 29 آڪٽوبر کان 10 نومبر تائين کليل رکڻ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايڊميشن ڪاميٽي جو اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت هيٺ سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو ڪٽ آف لائين/ حتمي اسڪور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران اهو به طئه ڪيو ويو ته يونيورسٽي جو اي-پورٽل 29 آڪٽوبر کان 10 نومبر 2025ع تائين کليل رهندو، جنهن دوران ڪامياب اميدوار پنهنجا ضروري تعليمي دستاويز اپلوڊ ڪري سگهندا ۽ داخلائن لاءِ پنهنجي پسنديده شعبن جي چونڊ ڪري سگهندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي اميدوار مين ڪيمپس ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا يا کين سندن پسنديده شعبو نه ملي سگهيو، تن کي يونيورسٽي جي ٻين ڪيمپسز ۾ داخلا جوموقعو سيٽن جي دستيابي ۽ 30 سيڪڙو ڪٽ آف اسڪور هئڻ تي ڏنو ويندو. اجلاس ۾ ڪاميٽي پرڏيهي شاگردن لاءِ مخصوص ڪيل سيٽن کي ڀرڻ تي به زور ڀريو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي ويئي آهي، جيڪا مختلف ملڪن جي سفارتخانن ۽ قونصليٽن سان رابطو ڪندي ته جيئن اهي پنهنجن ملڪن جي شاگردن کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بهترين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين، جتي اعليٰ تعليم جا خرچ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري اقليتي شاگردن لاءِ مختلف شعبن ۾ سيٽن ۾ واڌ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته هر سال اقليتي برادري مان ڪافي تعداد ۾ شاگرد داخلائن لاءِ درخواستون ڏين ٿا، تنهن ڪري انهن لاءِ جي ڪوٽا وڌائي کين وڌيڪ تعليمي موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن. اجلاس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ 72 تعليمي شعبن ۾ 12 هزار 300 سيٽون دستياب آهن، جڏهن ته ٻن مرحلن ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽن ۾ ڪل 23 هزار اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 15 هزار 164 اميدوار 30 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ اسڪور حاصل ڪري ڪامياب ٿيا، جيڪي نئين مقرر ڪيل ڪٽ آف معيار تحت داخلا جا حقدار آهن. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو اجلاس کي ڪامياب اميدوارن جي مجموعي انگ ۽ اسڪور بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، احمد لقمان ميمڻ، ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، احسان شاهه راشدي، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر شبانا تنيو، ڊاڪٽر فرحت نورين، ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي، وڪيش ڪمار ۽ ٻين سينيئر استادن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.