سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2025ء لاءِ ايل ايل ايم ڊگري پروگرام ۾ داخلان لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد، 100 سيٽن لاءِ 91 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 455 اميدوارن جي شرڪت

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع لاءِ ايل ايل ايم ڊگري اِيَوننگ پروگرام ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 100 سيٽن لاءِ 91 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 455 اميدوارن شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان موجب ٽيسٽ ۾ 100 سيٽن لاءِ مجموعي طور 91 شاگردياڻين ۽ 364 شاگردن سميت مجموعي طور 455 اميدوارن شرڪت ڪري داخلائن لاءِ پنهنجي قسمت آزمائي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽ علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس تي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ورتي وئي. ٽيسٽ صبح جو 10 وڄي 10 منٽن تي شروع ٿي، جيڪا 11:40 تائين جاري رهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ھوڏانھن پري انٽري ٽيسٽ دوران اميدوارن لاءِ بهترين انتظامات ڪيا ويا هئا ۽ يونيورسٽي انتظاميه طرفان نظم و ضبط برقرار رکڻ لاءِ خاص قدمن تي عمل ڪيو ويو. وائيس چانسيلر جي دوري دوران انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊائريڪٽر سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف لا ڊاڪٽر سردار علي شاھ، ڊائريڪٽر ڪيمپس سيڪيورٽي ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر اميد علي رند، وڪيش ڪمار ۽ ٻيا وائيس چانسلر سان گڏ هئا