سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران تعليمي سال 2025ع تحت ايل ايل ايم ايوننگ ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران مادر علمي ۾ تعليمي سال 2025ع تحت ايل ايل ايم ايوننگ ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن تحت نوابشاھ ضلعي جي علي رضا ملڪ 100 مان 72 مارڪون حاصل ڪري پھرين پوزيشن ماڻي ورتي، جڏھن ته سجاول جي زرين دعا شيخ ۽ نوشهروفيروز جي ارسلان ميمڻ 69-69 مارڪون کڻي ٻئين ۽ ٽنڊوالهيار جي شاھزيب سمون ۽ ٿرپارڪر جي عبدالحميد راھمون 68-68 اسڪور ڪري ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب انٽري ٽيسٽ ۾ ڪراچي جي عماره سردار ڏيپر، ٿرپارڪر جي شاھنواز رند ۽ دادو جي عاشق علي پنھور 100 مان 66-66 اسڪور حاصل ڪري نمايان رھيا. ھن ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽ ۾ 455 مان مجموعي طور 375 اميدوارن حصو ورتو، جڏھن ته 80 غيرحاضر پڻ رھيا. واضح رھي تہ ٽيسٽ جا نتيجا ھڪ ڪلاڪ اندر ئي جاري ڪيا ويا

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/10/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے انسٹیٹیوشنل کوالٹی سرکل دوبارہ تشک...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
Sindh University reconstitutes institutional quality circle
View Details → 03/19/2026