سنڌ يونيورسٽي جي آءِ بي اي ۽ هڪ قومي ڪمپني ٽيڪس ان وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، گڏيل مفادن وارن منصوبن تي گڏجي ڪم ۽ شاگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۽ هڪ قومي ڪمپني ٽئڪس اِن وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت ٻئي ادارا مفادن وارن منصوبن تي گڏجي ڪم ڪندا ۽ شاگردن لاءِ اهم موقعا پيدا ڪرڻ توڙي تعليمي ۽ تحقيقي واڌ ويجھه ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪندا. ڄاڻايل معاهدي تي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ ٽئڪس اِن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صلاح الدين پنهور رسمي طور صحيحون ڪيون. معاهدي موجب ٽئڪس اِن ڪمپني آءِ بي اي جي شاگردن لاءِ انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪندي. ان موقعي تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صلاح الدين پنهور هر سال آءِ بي اي جي شاگردن لاءِ 20 ڪاروباري انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر ليب لاءِ پنج ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صلاح الدين پنهور نوجوانن کي عملي سکيا ۽ ٽيڪنالاجي ذريعن ذريعي بااختيار بنائڻ لاءِ پنهنجي ڪمپني جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان جا نوجوان هن ملڪ جا مستقبل ۽ اڳواڻ آهن، اسان مستقبل جي انهن اڳواڻن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. اهڙا انٽرن شپ پروگرام ۽ ٽيڪنالاجي جون سهولتون نواڻ ۽ بهترين قيادت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ وڏي ويزن ڏانهن ننڍڙا قدم آهن. ڊاڪٽر امام الدين کوسو چيو ته ڄاڻايل ڪمپنيءَ سان معاهدي جو فائدو يقيني طور اسان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ٿيندو. هن چيو ته چاهيون ٿا ته اسانجي نوجوانن کي وڌ کان وڌ انٽرن شپ جا موقعا ميسر ٿي سگهن ته جيئن هو عملي ڪم سکي پنهنجي ڪيريئر کي بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهن. ان کان اڳ “پاڪستان ۾ ٽئڪس قانون” جي سري هيٺ آءِ بي اي جي آڊيٽوريم ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ٽئڪس ماهرن سيد تقي شاهه ۽ فيصل خان ٽئڪس قانونن ۽ فائلر نان فائلر بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تفصيلي ڄاڻ مهيا ڪئي. سيد تقي شاهه ٽئڪس جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي قومي ترقيءَ لاءِ هڪ لازمي عنصر قرار ڏنو. هن چيو ته ٽئڪس ملڪ جي معيشت جو اهم جز آهي. ٽئڪس قانونن کي سمجهڻ ضروري آهي ته جيئن ٽئڪس جي پابنديءَ کي يقيني بڻائي قومي خوشحاليءَ ۾ حصو وٺي سگهجي. هن ٽئڪس نظام کي آسان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي شريڪ ٿيڻ لاءِ همٿائي سگهجي. فيصل خان چيو ته شهرين خاص طور نوجوانن کي ٽئڪس بابت معلومات هئڻ لازمي آهي، اسان کي سڀني سماجي شعبن ۾ ٽئڪس جي فائدي ۽ ذميوارين بابت شعور ڦهلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن شاگردن کي ٽئڪس مشاورت ۽ پاليسي ٺاهڻ جي ڪيريئر ۾ وڃڻ لاءِ همٿايو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۾ سندن ڪردار کي اهم قرار ڏنو. سيمينار جي صدارت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه ڪئي، جڏهن ته ٽئڪس اِن ڪمپنيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صلاح الدين پنهور، پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، پروفيسر ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري ۽ وڏي انگ ۾ شاگردن توڙي فئڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.