سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن وارو آءِ بي اي اسپورٽس گالا 2025 شروع، پي سي بي گرائونڊ تي شاندار افتتاحي تقريب، وائيس چانسيلر افتتاح ڪيو: رانديون شاگردن جي زندگي جو لازمي حصو آهن، جيڪي ڪردار سازي، نظم ضبط ۽ قيادت جي صلاحيتن کي وڌائين ٿيون: وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جو افتتاحي تقريب کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻن ڏينهن وارو آءِ بي اي اسپورٽس گالا 2025ع وڏي جوش، جذبي ۽ خوشگوار ماحول ۾ شروع ٿي ويو. تقريب پي سي پي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري افتتاح ڪيو. افتتاح بعد راندين جا دلچسپ ۽ صحتمند مقابلا شروع ٿي ويا، جيڪي سڀاڻي 30 آڪٽوبر تائين جاري رهندا. افتتاحي تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊائريڪٽر آءِ بي اي پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر عائشه سيد، ڊاڪٽر صوبيه شاهه، ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي، ڊاڪٽر عبدالسمع شيخ، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، ٻين استادن، شاگردن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي. گالا جي پهرين ڏينهن تي مختلف دلچسپ مقابلا ٿيا، جن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ڪرڪيٽ ميچز، بيڊمنٽن، حڪمت عملي سان ڀرپور لوڊو ٽورنامينٽس ۽ ذهني مهارتن تي ٻڌل چيس مقابلا شامل هئا. گرائونڊ ۾ شاگردن جي خوشين ۽ تاڙين ماحول کي دلڪش بڻائي ڇڏيو. شائقين ساٿي شاگردن ۽ ساگردياڻين کي تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري آءِ بي اي جي انهيءَ شاندار قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته انهن سرگرمين سان شاگردن ۾ جسماني صحت، گڏيل اتحاد ۽ ذهني توازن کي هٿي ملي ٿي. هن چيو ته رانديون شاگردن جي زندگي جو لازمي حصو آهن، جيڪي ڪردار سازي، نظم ضبط ۽ قيادت جي صلاحيتن کي وڌائين ٿيون. ڊاڪٽر مري وڌيڪ چيو ته راندين ۾ شرڪت نوجوانن کي ٽيم ورڪ ۽ ثابت قدمي سکائي ٿي، جيڪي سندن پيشوراڻي ڪاميابي لاءِ انتهائي ضروري خوبيون آهن. وائيس چانسلر شاگردن کي نصاب سان گڏ هم نصابي سرگرمين ۾ به متوازن شرڪت جي صلاح ڏني ۽ تقريب جي شاندار انتظام تي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ساراهه ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي اسپورٽس گالا شاگردن ۾ هم آهنگي، باهمي عزت ۽ صحتمند مقابلي جي جذبي کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. ڊائريڪٽر آءِ بي اي پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو چيو ته اداري جو مقصد هڪ اهڙو جامع تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ آهي، جتي تعليمي اعليٰ ڪارڪردگي ۽ جسمي صحت گڏ هلن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آرگنائيزنگ ٽيمون پوري محنت ۽ منصوبه بندي سان مصروف رهيون آهن ته جيئن تقريب مڪمل نظم ۽ ضبط سان پرجوش نموني منعقد ٿئي. ڊاڪٽر کوسو شاگردن ۽ شاگردياڻين جي متحرڪ شرڪت تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون سرگرميون شموليت ۽ گڏيل ڪم جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته آءِ بي اي جو اسپورٽس گالا اداري جي انهيءَ عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو شاگردن ۾ قيادت ۽ رانديگراڻن روحن کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻن ڏينهن تي مشتمل هي گالا سڀاڻي 30 آڪٽوبر تي به جاري رهندو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ ميچز، ميوزيڪل چيئر جا مقابلا ۽ مختلف راندين جون سرگرميون شامل هونديون. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سڀني راندين جي فائنل ميچ کٽيندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ ايوارڊ ورهايا ويندا.