سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اھڙو اعلان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ ٿيل ھڪ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي سميت ڪئمپسز جي فوڪل پرسنز، فيڪلٽين جي ڊينز ۽ مختلف تعليمي شعبن جي سربراھن جي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف تاريخن تي غور ڪرڻ بعد  ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته شاگرد 25 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين امتحاني فارم جمع ڪرائي سگھندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/25/2024
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے عدالتی احکامات کی تعمیل کا س...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے سال 2026ء کے لیے بوائز ہاسٹلز ...
View Details → 11/20/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے انتظامی نشست پر سینڈیکیٹ ان...
View Details → 11/20/2025