سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اھڙو اعلان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ ٿيل ھڪ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي سميت ڪئمپسز جي فوڪل پرسنز، فيڪلٽين جي ڊينز ۽ مختلف تعليمي شعبن جي سربراھن جي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف تاريخن تي غور ڪرڻ بعد  ٻئين سيمسٽر جا امتحان 4 ڊسمبر کان شروع ڪرائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته شاگرد 25 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين امتحاني فارم جمع ڪرائي سگھندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/25/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026