سنڌ يونيورسٽي پاران داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 6 ڊسمبر تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو داخلا فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن لاءِ آخري ڀيرو فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 6 ڊسمبر تائين واڌ جو اعلان ڪيو آھي. اھڙي سهولت خاص طور انهن شاگردن لاءِ ڏني وئي آهي، جيڪي اڃا تائين سيمسٽر جي فيس جمع نه ڪرائي سگهيا آهن ۽ ان ڪري ٻئي سيمسٽر جي امتحانن ۾ شريڪ ٿيڻ کان قاصر آهن. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پاران جاري ڪيل هڪ سرڪيولر ۾ شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اھڙا شاگرد جيڪي فيس اڃا تائين جمع نه ڪرائي سگھيا، اھي پنهنجيون درخواستون پنھنجن لاڳاپيل شعبن جي سربراهن کان صحيح سان ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز کي جمع ڪرائن ته جيئن انهن کي وڌايل مدي جي فيس چالان حاصل ٿي سگهي. ھن چيو ته درخواست جمع ڪرائڻ کان پوءِ شاگردن کي نئون چالان جاري ڪيو ويندو ۽ ھو نئين آخري تاريخ 6 ڊسمبر 2024 مقرر ڪئي وئي آهي.  ھن خبردار ڪيو آهي ته مقرر وقت تي داخلا فيس جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ شاگردن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پوندو، جن ۾ اي-پورٽل جي رسائي بند ٿيڻ، ايندڙ امتحانن ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪ، امتحاني نتيجن جي پروسيسنگ نه ٿيڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ شامل آھن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/05/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائ...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے بیچلر ڈگری پروگرامز میں داخ...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
ڇھ روزه سنڌالاجي ڪتابي ميلو
View Details → 09/03/2025