سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان شروع: امتحان رڳو شاگردن جي علم جي پرک نٿا ڪن پر زندگيءَ جي چئلينجن لاءِ شاگردن کي تيار به ڪن ٿا: وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ سڀني شعبن جا ٻئي سيمسٽر جا امتحان صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ شروع ٿي ويا. شاگردن پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ وڃي امتحان ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو فئڪلٽي آف فارميسي، سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو ته جيئن هو امتحاني عمل جو ذاتي طور جائزو وٺي سگهي. وائيس چانسيلر پنهنجي دوري دوران بهترين انتظامن تي فئڪلٽي ۽ انتظامي عملي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻئي سيمسٽر جا امتحان تعليمي عمل جو اهم حصو آهن ۽ کيس خوشي ٿي رهي آهي ته شاگرد ۽ عملو هميشه وانگر شاندار نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته امتحاني هال ۾ پرامن ماحول سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پنهنجي تعليمي مقصدن ڏانهن عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو اسانجي يونيورسٽي اعليٰ تعليمي معيار ۽ بهترين امتحاني نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. مختلف شاگردن سان ڳالهائيندي وائيس چانسيلر چيو ته کين امتحان اعتماد سان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته امتحان سندن سموري سيمسٽر جي محنت کي ظاهر ڪن ٿا. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته امتحان رڳو شاگردن پاران حاصل ڪيل علم ۽ ڄاڻ کي نٿا پرکن، پر سندن زندگيءَ جي چئلينجن لاءِ به تيار ڪن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان ايندڙ ٽن هفتن تائين جاري رهندا.