سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن مختلف ڊگري پروگرامز جي ٻئي سيمسٽر جا امتحاني فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويا. پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر وڌيڪ ڄاڻايو ته بي ايس ڪيمسٽري، بي ايس زولاجي حصو پهريون ۽ ٻيو، اي ڊي اِي/ بي ايڊ (آنرز ) حصو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون جي ٻئي سيمسٽر جا امتحاني فارم بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 6 جنوري 2025ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 7 کان 10 جنوري 2025ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/19/2024
Announcements
1024 x 768
ڇھ روزه سنڌالاجي ڪتابي ميلو
View Details → 09/03/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي پرئڪٽس شعبي جي 4 پي ايڇ...
View Details → 09/02/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کے شعبہ فارمیسی پریکٹس کے 4 پی ایچ ڈی اس...
View Details → 09/02/2025