سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي لا ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرز) جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان 7 جنوريءَ کان وٺڻ جو اعلان، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر شيڊيول جاري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ايل ايل بي (آنرز) جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي لا ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽن ۾ پنج سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام حصو پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون جي بئچ 2024ع،  2023ع، 2022ع، 2021ع ۽ 2020ع جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان اڱارو 7  جنوري 2025ع کان منعقد ڪيا ويندا. ڪنٽرولر موجب امتحانن لاءِ انڊس ڪاليج آف لا حيدرآباد، گورنمينٽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ جناح لا ڪاليج حيدرآباد، ايوريسٽ لا ڪاليج حيدرآباد، ميرپورخاص لا ڪاليج، ايم ايم زيڊ لا ڪاليج هالا، شان آسي لا ڪاليج ٽنڊو آدم، علي لا ڪاليج سانگهڙ، قائداعظم لا ڪاليج نواب شاهه، شهيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج نوشهروفيروز، قاضي ميان احمد لا ڪاليج مورو، ايف ايم سهتو لا ڪاليج ڪنڊيارو، اورينٽل لا ڪاليج محراب پور، گورنمينٽ پي آءِ بي لا ڪاليج دادو ۽ سنڌ مهراڻ انسٽيٽيوٽ آف لا ڄامشورو ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. امتحانن جو تفصيلي شيڊيول لاڳاپيل ڪاليجن ڏانهن پڻ موڪليو ويو آهي.