سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ ٻيهر الاٽمينٽ 2025ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 17 فيبروري تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ ٻيهر الاٽمينٽ 2025ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 17 فيبروري 2025ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلر شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تي فيس جمع نه ڪرائيندڙ هاسٽلرن جي ري الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. پڌرائي موجب فيس جمع ڪرائڻ بعد هاسٽل ڪاپي بوائز هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/11/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرا...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل ...
View Details → 02/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ...
View Details → 01/21/2026