سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ لاءِ انٽرويوز جاري، 300 کان وڌيڪ سيٽن لاءِ ھڪ ھزار شاگردن درخواستون ڏنيون

سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ اسڪالرشپ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سيشن 2023-24 جا انٽرويوز جاري آهن، جتي 300 کان وڌيڪ سيٽن لاءِ ھڪ ھزار کان وڌيڪ شاگرد مالي سهائتا حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آهن. اسڪالرشپ جي چونڊ جو عمل اينڊومينٽ فنڊ ڪميٽي جي نگراني هيٺ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي عملدارن جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.  ھلندڙ سال 300 کان وڌيڪ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، جيڪي خاص طور انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ آهن. هي مالي سهائتا صرف ٽيوشن فيس تي مشتمل آهي، جنهن جو مقصد ذهين پر مالي طور تي لاچار شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ جيڪو سنڌ حڪومت جو هڪ اهم تعليمي قدم آهي، مسلسل معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ مستحق شاگردن تي مالي بوجهه گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/28/2025
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Successfully Conducts M.Phil. and Ph.D. Admission Test 2026
View Details → 05/04/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ “معرڪه حق” جي سري هيٺ 7 مئي تي ري...
View Details → 04/30/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں “معرکہ حق” کے سلسلے میں 7 مئی کو ری...
View Details → 04/30/2026