سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۾ سيمسٽر جا امتحان 22 اپريل کان منعقد ڪرڻ جو اعلان، شيڊيول جاري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر جي امتحانن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو آهي ته بي سي ايس حصو پهريون ۽ ٻيو (صرف فيلوئر)، حصو ٽيون (بئچ 2021ع، ريگيولر ۽ فيلوئر) سيمسٽر پهريون، اي ڊي اِي/بي ايڊ (آنرز)، بي ايس ڪئمسٽري، بي ايس زولاجي سيمسٽر ٻيو، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ (2023 ۽ 2024ع) ۽ اي ڊي ايس باٽني (2022ع) جا ٻئي سيمسٽر جا امتحان 22 اپريل 2025ع کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. امتحانن جو تفصيلي شيڊيول لاڳاپيل ڪاليجن ڏانهن موڪليو ويو آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/14/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نيچرل س...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے موسم گرما کی تعطیلات کے بعد نیچرل سا...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
Sindh University finalizes academic strategy for Natural Sciences Faculty as classes set t...
View Details → 07/22/2026