
اسڪالرن ۽ تعليمي ماهرن بينظير ڀٽو کي صنفي برابري ۽ بااختياري جي حقيقي علمبردار قرار ڏئي ڇڏيو: شاهه لطيف جي ستن سورمين جون خوبيون بينظير ڀٽو ۾ شامل هيون، جيڪي هن پاڪستاني سياست ۾ متعارف ڪرايون، محترمه جمهوريت، جنسي برابري، اقليتن جي حقن ۽ سماجي انصاف لاءِ جدوجهد جي علامت هئي، سندس فڪر کي اڄ جي نوجوانن ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي: مقررن جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن ٿيل هڪ فڪر انگيز سيمينار کي خطاب ڪندي اسڪالرن ۽ تعليمي ماهرن چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل سنڌ جي تاريخي ستن سورمين جي خوبين جي زندهه تصوير هئي. جيئن شاهه لطيف جي بيتن ۾ ماروي ۽ مومل بهادري، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جون علامتون آهن، تيئن بينظير ڀٽو پڻ جمهوريت، جنسي برابري، اقليتن جي حقن ۽ سماجي انصاف لاءِ جدوجهد جي علامت سمجهي وڃي ٿي، هن شاهه جي سورمين واريون خوبيون پاڪستاني سياست ۾ متعارف ڪرايون ته جيئن سياست ۾ عدم تشدد، سهپ ۽ رواداري کي هٿي وٺرائي سگهجي. محترمه جي سوچ، فڪر ۽ جدوجهد کي اڄ جي نوجوانن ۽ نارين ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سيڪريٽريٽ ۾ واقع سينيٽ هال ۾ محترمه بينظير ڀٽو چيئر پاران “محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ جدوجهد” جي سري هيٺ منقعد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته بينظير ڀٽو صنفي برابري ۽ بااختياري جي حقيقي علمبردار هئي، جنهن نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان، پر سڄي اسلامي دنيا ۾ عورتن کي همٿ ڏني. هن چيو ته وائيس چانسلر جي حيثيت سان ذميواري سنڀاليندي هن فيصلو سازيءَ ۾ عورتن جي شموليت تي ڌيان ڏنو آهي، تازن پنجن مقررين ۾ 3 عورتون شامل آهن. هن ٻڌايو ته هو سڀئي غيرفعال بڻيل چيئرز ٻيهر فعال ڪري چڪو آهي، جن ۾ بينظير ڀٽو چيئر به شامل آهي. هن ڀٽو خاندان جي سنڌ يونيورسٽي سان تاريخي تعلقات کي به اجاگر ڪيو ۽ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو بنياد اڳوڻي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هدايت تي رکيو هو. ڊاڪٽر کمڀاٽي اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جلد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي، جدوجهد ۽ خدمتن تي هڪ شاندار عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرائيندي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن مان محققن کي دعوت ڏني ويندي ته هو محترمه جي جمهوريت، عورتن جي بااختياري ۽ عالمي سياست ۾ ڪردار تي پنهنجو تحقيقي مواد پيش ڪن. هن چيو ته محترمه جي سياسي اڀار سان سنڌ جي عورتن ۾ شعور پيدا ٿيو. جيڪڏهن شاهه لطيف جي سر مارئي کي پڙهجي ته بينظير ڀٽو جي زندگيءَ ۾ اها همت ۽ قرباني نظر ايندي. اڄ جون عورتون سماجي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جيڪو محترمه جي جدوجهد ۽ عورتن کي ڏيکاريل واٽ جو نتيجو آهي. سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي ڪراچي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ محترمه جي ويجهي ساٿي پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شيخ چيو ته شاهه لطيف جي ستن سورمين جون سڀ خوبيون بينظير ڀٽو ۾ نظر اچن ٿيون. هوءَ عوامي احتجاجن ۾ حصو وٺندي رهي، جهڙوڪ ڪالا باغ ڊيم خلاف ڌرڻو، جيڪو سندس عوام سان وابستگيءَ جو ثبوت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن محترمه پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾پيدا ٿئي ها ته کيس شايد علامه اقبال کان به وڏو قومي اڳواڻ سڏيو وڃي ها. ڊاڪٽر شيخ وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام جو باني هو، جنهن تي اڄ اسان جو تحفظ يقيني بڻيل آهي. هن زور ڀريو ته محترمه جي مفاهمت ۽ جمهوريت جي واڌاري واري فڪر کي نوجوانن ۾ عام ڪرڻ گهرجي. هوءَ هڪ بي مثال اڳواڻ هئي، جنهن نه رڳو جمهوريت جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر عوام ۾ سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعور به پيدا ڪيو. شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پوليٽيڪل سائنس شعبي جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته بينظير ڀٽو جي حڪومتن تي ٻاهرين مداخلت جا ڳرا اثر هئا. سندس ٻنهي دورن جي حڪومتن کي ڪڏهن به مڪمل آزادي نه ڏني وئي. جيڪڏهن هوءَ آزاد نموني حڪومت هلائي ها ته پاڪستان ۾ جمهوريت پختي ٿئي ها. ڊاڪٽر چانڊيو وڌيڪ چيو ته محترمه پنهنجي زندگيءَ ۾ هميشه ناانصافين، ظلم ۽ غريبن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ خلاف وڙهندي رهي. هوءَ ڏکن ۽ ڏورن کي منهن ڏيندي، آخري وقت تائين آمريت ۽ انتهاپسند قوتن جي خلاف جدوجهد ڪندي رهي. هن چيو ته محترمه ماڻهن جي حڪومت پاران بهترين پرگهور لهڻ ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ تي ايمان رکندي هئي ۽ هن اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، جتي هر ٻار کي تعليم ملي، عورتن کي برابري ۽ انصاف جو حق ملي. انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي پنهنجي تفصيلي تحقيقي مقالو ”وزيراعظم بينظير ڀٽو جا بنيادي پرڏيهي پاليسي مقصد (1988–1990 ۽ 1993)“ پيش ڪيو. هن محترمه جي پرڏيهي پاليسين تي روشني وجهندي چيو ته اسلامي دنيا سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، علائقائي امن، عالمي سطح تي جمهوريت جي وڪالت، ڪشمير مسئلي لاءِ سفارتي فورمن جو استعمال، ۽ چين-آمريڪا سان توازن برقرار رکڻ سندس خاص ترجيحون رهيون. ڊاڪٽر عباسي چيو ته محترمه بينظير اميد، همٿ ۽ جمهوريت جي علامت بڻيل هئي. هوءَ اهڙي پاڪستان جو تصور رکي پئي، جتي رنگ، ذات يا مذهب کان هٽي ڪري سڀني شهرين جا حق محفوظ هجن. فلاسافي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر امر سنڌو چيو ته بينظير جو خواب عوامي حقن تي ٻڌل جمهوريت هو. سندس ويجهو جمهوريت صرف چونڊون نه پر انساني عظمت، انصاف ۽ آزادي جو نالو هو، هوءَ انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ مرداڻي بالادستيءَ جي سخت مخالف هئي. پروفيسر امر سنڌو چيو ته بينظير نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ جمهوريت، برابري ۽ انساني حقن جو معيار قائم ڪيو. هن چيو ته سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولي قيادت سدائين پاڪستاني عوام لاءِ رهنمائي جو مينار رهندي. ان کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي، جڏهن ته ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو اسٽيج جا فرض نڀايا. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي بهترين شاعر ڊاڪٽر وحيد جتوئي، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنه، ڊاڪٽر عاطف علي منگي، حسين مسرت، گلبدن جاويد، ڊاڪٽر تانيا مشتاق ۽ ٻين استادن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.