سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش توڙي ري الاٽمينٽ 2025ع جا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ آخري ڀيرو 29 مئي تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ فريش توڙي ري الاٽمينٽ 2025ع جا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ آخري ڀيرو 29 مئي 2025ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽل ۾ الاٽمينٽ وٺڻ جا خواهشمند شاگرد الاٽمينٽ فارم جي في وارو چالان پنهنجي اِي پورٽل اڪائونٽ تان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ مان فارم حاصل ڪري سگهن ٿا. پڌرائيءَ موجب الاٽمينٽ جا خواهشمند شاگرد فارم سان گڏ داخلا فيءَ وارو چالان، اسٽوڊنٽ ڪارڊ جون 2 ڪاپيون، پنهنجي ۽ پنهنجي والد جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون 2-2 ڪاپيون، 4 عدد پاسپورٽ سائيز تصويرون ۽ هاسٽل فارم جي فيءَ وارو چالان لڳائي هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائين. مقرر تاريخ تي فارم جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن کي الاٽمينٽ نه ڏني ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/23/2025
Announcements
1024 x 768
Invitation for Submission of AI-Generated Videos on "Unmasking the Appeal – Countering N...
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends deadline for provisional admission to four-year LL.B programme
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends admission deadline for ADE, B.Ed (Hons) programmes
View Details → 06/09/2026