
قرشي فائونڊيشن پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ نيچرل ميڊيسن ڪلينڪ قائم، وي سي ڊاڪٽر کمڀاٽي ۽ سي اي او عديل سعيد پاران فيڪلٽي آف فارميسي ۾ صحت مرڪز جو افتتاح: ڪلينڪ ۾ صحت جا ماهر مريضن کي مفت چڪاسي دوائون فراهم ڪندا: ذاتي طور هميشه مغربي دوائن تي ڀروسو ڪندو رهيو آهي پر هاڻي قدرتي دوائن جي فائدن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، شاگردن کي نظرياتي علم سان گڏ عملي صلاحيتن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪاميابيءَ جو نسخو نظرياتي علم جي حاصلات ۽ عملي صلاحيتون وڌائڻ آهن: وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جو اظهار
ڄامشورو(پ ر) قرشي فائونڊيشن پاران سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف فارميسي ۾ واقع ڊپارٽمينٽ آف ايسٽرن ميڊيسن اينڊ سرجري ۾ قدرتي دوائن واري ڪلينڪ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو افتتاح خميس واري ڏينهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ۽ قرشي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عديل سعيد مير باقاعدي طور ڪيو. ڄاڻايل ڪلينڪ پنهنجو ڪم وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جي طبي چڪاس سان شروع ڪيو. ڪلنڪ جي ماهر فزيشنز ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم مڪمل چڪاس بعد وي سيءَ کي مڪمل طور صحتمند قرار ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته هو ذاتي طور هميشه مغربي دوائن تي ڀروسو ڪندو رهيو آهي پر هاڻي قدرتي دوائن جي فائدن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هن ڪلينڪ جي قيام سان نه رڳو شاگردن لاءِ سکڻ جو هڪ نئون موقعو پيدا ٿيندو پر ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي رهواسين کي پڻ معياري صحت جون سهولتون ملنديون. هن علمي ادارن ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ لاڳاپن کي معاشرتي مسئلن جي حل ۽ ملڪ جي معيشت جي واڌاري لاءِ اهم قرار ڏنو. وائيس چانسلر شاگردن کي نظرياتي علم سان گڏ عملي صلاحيتن تي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي ۽ ان کي ڪاميابي جو نسخو قرار ڏنو. ان موقعي تي قرشي فائونڊيشن جي سي اي او ۽ چيف اسٽريٽجڪ آفيسر عديل سعيد مير چيو ته فائونڊيشن هڪ صحتمند، تعليم يافته ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته قرشي فائونڊيشن تعليم، صحت، فلاح بهبود ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ هميشه اڳڀرو رهي آهي. هي ڪلينڪ ان خواب ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. عديل مير چيو ته عالمي صحت تنظيم ڊبليو ايڇ او جي انگن اکرن موجب دنيا جي لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو ملڪن ۾ قدرتي دوائن کي صحت جي نظام جو حصو بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 13 ملڪن پنهنجا طبي نظام مڪمل طور قدرتي ۽ جڙي ٻوٽين تي مبني علاج ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل سال 2024ع ۾ جڙي ٻوٽين جي عالمي مارڪيٽ جو دائرو 233 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو، جيڪو 2032ع تائين 437 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي. سنڌ ۾ فائونڊيشن جي سرگرمين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي فائونڊيشن سنڌ يونيورسٽي سان گڏجي قدرتي دوائن جي ڪلينڪ ذريعي شاگردن، استادن، عملي ۽ ويجهن علائقن جي ماڻهن کي مفت صحت جون سهولتون مهيا ڪندي، جنهن ۾ مرد ۽ عورت ڊاڪٽر موجود هوندا ۽ مريضن کي مفت دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون. سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف ايسٽرن ميڊيسن اينڊ سرجري جي چيئرمين ۽ انتهائي متحرڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحڪيم ميمڻ چيو ته هن ڪلينڪ جي قيام سان شاگردن کي تجربيڪار ماهرن جي نگرانيءَ ۾ عملي تربيت، هٿن سان ڪم ڪرڻ جو تجربو ۽ غذائي علاج جي ميدان ۾ سڌي رسائي حاصل ٿيندي. هن ڄاڻايل قدم کي علمي ۽ طبي لحاظ کان هڪ اهم اضافو قرار ڏنو. ڄاڻايل جديد ڪلينڪ فيڪلٽي آف فارميسي جي هڪ وسيع هال ۾ قائم ڪئي وئي آهي، جتي مرد ۽ عورت مريضن لاءِ الڳ الڳ ڪائونٽر جوڙيا ويا، وڏي انتظار گاهه ۽ دوائن جي فارميسي به تيار ڪئي وئي ۽ سڄو هال مڪمل طور ايئر ڪنڊيشنڊ بڻايو ويو آهي. ڪلينڪ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ڪندي ۽ آچر تي بند رهندي. مريض فيڪلٽي آف فارميسي جي مک گيٽ مان داخل ٿي کاٻي پاسي مڙي آساني سان ڪلينڪ تائين پهچي سگهن ٿا. افتتاحي تقريب ڪلينڪ جي ڪاميابي ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ گڏيل دعا سان پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊين فيڪلٽي آف فارميسي پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گھوٽو، ڊين فيڪلٽي آف سوشالاجي پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، پروفيسر ڊاڪٽر عبيدالله مغل، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر فرحت نورين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو، ڊاڪٽر آصف اقبال، ڊاڪٽر ياسين امين، وقاص الرحمان، عابد حسين، زرتاج بخاري، ثمينه پروين، احسن جميل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.