
سنڌ يونيورسٽي جي بينظير ڀٽو چيئر پاران پيپلز پارٽي جي شهيد اڳواڻ بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه ملهائي وئي: تقريب ۾ نوجوان سعيد سميجو شاهه جي وائي ٻڌائي حاضرين تي سحر طاري ڪري ڇڏيو: محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ سياسي ورثي کي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش: وائيس چانسيلر پاران پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم جي تعليمي خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ جلد هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو اعلان؛ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ عورتن جي حقن لاءِ وڏا قدم کنيا ويا، هن عورتن لاءِ الڳ پوليس اسٽيشنون قائم ڪرايون ۽ سندن خلاف ٿيندڙ ظلمن کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي، ٻنهي حڪومتي دورن ۾ محترمه کي حڪومت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورو وقت مليو، پر ان جي باوجود هن اهم خدمتون سرانجام ڏنيون: وي سي ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر ريحانه نذير ملاح، نياز پنهور ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي بينظير ڀٽو ريسرچ چيئر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم جي سالگرهه تي پنجن پائونڊن جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. ڄاڻايل تقريب بينظير ڀٽو ريسرچ چيئر ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ميزباني چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه نظير ملاح ڪئي، جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي تقريب جي صدارت ڪئي. تقريب جي شروعات نامياري سنڌي راڳي سعيد سميجو جي روحاني ۽ اثرائتي پرفارمنس سان ٿي، جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي "سڄڻ سور تمهاري، آئون ماري، اچي سار لهي وڃ" ڳايو، جنهن ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ سياسي ورثي کي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي تعليمي خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ جلد هڪ عالمي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو. هن زور ڀريو ته محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ عورتن جي حقن لاءِ وڏا قدم کنيا ويا. هن عورتن لاءِ الڳ پوليس اسٽيشنون قائم ڪرايون ۽ سندن خلاف ٿيندڙ ظلمن کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جيئن ته ٻنهي حڪومتي دورن ۾ محترمه کي حڪومت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورو وقت مليو، پر ان جي باوجود هن اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪيتريون ئي طاقتور قوتون هيون، جيڪي کيس عوامي ڀلائي خاص ڪري عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ نه پيون ڏين. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته عام طور محترمه جو سياسي پهلو بحث هيٺ ايندو رهي ٿو پر سندس تعليمي خدمتن جو گهڻو ذڪر نه ٿيو آهي، تنهن ڪري ان پهلوءَ کي به اجاگر ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نيوڪليئر پروگرام شروع ڪيو، تڏهن ملڪ سخت سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار هو پر سندس دور انديشي سان پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي ويو ۽ اڄ الحمدالله اسان ڀارت کان فوجي قوت ۾ اڳتي نڪري ويا آهيون. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه نظير ملاح تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهي ۽ هن ملڪ جي ترقي ۽ انساني حقن جي حفاظت لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. هن چيو ته محترمه پنهنجي گهڻي سياسي تربيت آمريت جي دور ۾ حاصل ڪئي. هن عورتن جي بااختياري لاءِ تاريخي قدم کنيا ۽ سماجي، معاشي تبديلي لاءِ جدوجهد ڪئي. نامياري صحافي، شاعر ۽ دانشور نياز پنھور چيو ته جيتوڻيڪ محترمه ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻي پر کيس پنهنجي نظرين تي مڪمل عملدرآمد لاءِ وقت نه مليو. هن چيو ته عورتن ۽ پوئتي پيل ماڻهن لاءِ محترمه تاريخي قانونسازي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو شهيد نه ٿئي ها ته پاڪستان مسلم دنيا ۽ ايشيا جو اڳواڻ بڻجي وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان ۾ ميزائل ٽيڪنالاجي جو بنياد محترمه جي دور ۾ وڌو ويو، جنهن سان ملڪ جي دفاعي سگهه مضبوط ٿي ۽ پاڪستان اڄ دفاعي لحاظ کان ڪنهن به وڏي ملڪ کان گهٽ ناهي. سماجي اڳواڻ حسين مسرت چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هر حد تائين وئي، هوءَ سياسي مخالفن سان به قومي مفاد لاءِ هٿ ملائڻ تي تيار هوندي هئي. هن چيو ته محترمه هڪ پرامن ۽ ترقي پسند پاڪستان جو تصور پيش ڪيو. عورتن لاءِ الڳ پوليس اسٽيشنن جو قيام محترمه جي انصاف پسند قيادت جو ثبوت آهي. تقريب ۾ ٻين سان گڏ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، چيئرمين سنڌي شعبو ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي غلام مرتضى سيال، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين پروفيسر سعيد احمد منگي، ڪنٽرولر سيميٽر امتحانات محمد معشوق صديقي، چيئرپرسن شعبو فلسفو پروفيسر سلميٰ لغاري (امر سنڌو)، فوڪل پرسن سنڌ يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، معروف ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو، رفيق علي بروهي، جڳ مشهور آرٽسٽ نادر علي جمالي، ڊاڪٽر رشدالله شاهه (مخمور بخاري)، ڊاڪٽر عنبرين خاصخيلي، ممتاز علي پنھور، ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر شازره شر به شريڪ هئا.