
سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي سيڪيورٽي سسٽم کي جديد ۽ سينٽرلائيزڊ بڻايو ويو، وائيس چانسيلر افتتاح ڪيو: مادر علمي جي سيڪيورٽي کي جديد بڻائي ڪئمپس کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي جو نظام بھتر بنائڻ سان اداري جو ماحول به وڌيڪ بھتر بڻجي ويو، ھاڻي تعليمي سرگرمين کي به وڌيڪ ھٿي ملندي: ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جو افتتاحي تقريب کي خطاب
ڄامشورو: (پ ر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي سيڪيورٽي سسٽم کي جديد ۽ سينٽرلائيزڊ بڻائڻ جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ڪيو، جنھن سان سنڌ يونيورسٽيء جا اثاثا ۽ اسٽيڪ هولڊر محفوظ ٿي ويا آھن. سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس سيڪيورٽي کي جديد بنيادن تي سينٽرلائيزڊ ڪرڻ جي تقريب سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس سيڪيورٽي ۾ منعقد ٿي، جنھن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽي چيو ته مادر علمي جي سيڪيورٽي سسٽم کي سينٽرلائيزڊ ۽ جديد بڻائي سنڌ يونيورسٽي کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. ھن چيو ته ڪنھن به اداري جو تحفظ ان جي ترقيءَ جي ضمانت آھي، سيڪيورٽي کي بھتر بنائڻ سان اداري جو ماحول به وڌيڪ بھتر بڻجي ويو آهي ۽ ھاڻي تعليمي سرگرمين کي به وڌيڪ ھٿي ملندي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ترقيءَ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي صوبي جو وڏو تعليمي ادارو آهي، جتي 44 ھزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم آھن، ان جي ڀرپور حفاظت ۽ تحفظ اسان سڀني جو فرض آھي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جھڙي اعلي تعليمي اداري جي ترقي اصل ۾ اسانجي سماج جي ترقي آهي. ڊاڪٽر کمڀاٽي سيڪيورٽي سينٽرلائيزڊ ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ھاڻي اڳي کان گھڻو محفوظ ٿي وئي آھي. ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي پروفيسر ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو جو چوڻ ھو ته تحفظ جو احساس ئي ترقي جي ضمانت آھي، مون وائيس چانسلر جي ڀرپور تعاون سان سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي کي جديد بنيادن تي سينٽرلائيزڊ ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي سنڌ يونيورسٽي جي ھر شعبي ۽ ڪئمپس تي ٿيندڙ چرپر اسڪرين تي ڏسي سگھبي. ھن چيو ته سڄي ڪئمپس تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳرائي انهن جي مانيٽرنگ سسٽم کي سينٽرلائيزڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ يونيورسٽي محفوظ بڻجي وئي آھي. ھن چيو ته سيڪيورٽي جون گاڏيون به ٺھرائي تيار ڪيون ويون آهن ۽ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سان ھر چر پر تي نظر رکي سگھبي. تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مھيسر، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، پير بخش بجير، محمد معشوق صديقي، الھ وڌايو سھتو، محمد اسماعيل بجير، نجم سھارڻ، غلام رسول چانڊيو ۽ سيڪيورٽي عملي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.