
سنڌ يونيورسٽي ۾ نامور عالم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي 96هين ورسي ملھائي وئي، سندس تعليمي خدمتن تي کيس ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش: وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ايندڙ سال 4 آڪٽوبر تي شمس العلماءُ جي سالگرهه جي موقعي تي 4 سندس خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان
سنڌ جي نامور عالم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي 96هين ورسي واري تقريب سنڌ يونيورسٽي ۾ ڀرپور نموني ملهائي وئي. ان موقعي تي مقررن کيس سندس تعليمي خدمتن تي ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ايندڙ سال 4 آڪٽوبر تي شمس العلماءُ جي سالگرهه جي موقعي تي سندس خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بينظير ڀٽو چيئر جي ويڊيو ڪانفرنس روم ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي 96ھين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. پنھنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسيلر چيو ته مرزا قليچ بيگ 76 سالن جي قليل عمر ۾ مختلف موضوعن تي 460 ڪتاب لکي تمام وڏو ڪم ڪيو. ھن چيو ته سندس ڪتابن جي تعداد مان لڳي ٿو ته ھي ڪو عام ماڻھو ڪونه ھو پر ھي خدا جو ڪو خاص انسان ۽ ولي ھو. ھن چيو ته مرزا قليچ جيترو ڪم ڪيو، ھو اگر يورپ ۾ ھجي ھا ته کيس تمام گھڻي مڃتا ملي ھا، سنڌ اوتري شھرت کيس نه ڏني. ھن چيو ته سچل سرمست ستن ٻولين ۾ شاعري ڪئي پر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 8 ٻوليون ڳالھائيندو ھو ۽ 25 ٻوليون سمجھندو ھو. وي سي چيو ته ايران ۽ ترڪش خاندانن سان تعلق رکڻ سبب مرزا خاندان خوبصورت آھي، حيدرآباد ۾ اگر حسينن جو تذڪرو ڪجي ۽ ان ۾ نصير مرزا شامل نه ھجي ته اھڙو تذڪرو اڻپورو رھندو. ھن چيو ته مرزا قليچ جي ڪتابن جي ڊجيٽائيز ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ اعلان ڪيو ته شمس العلماءُ جي سالگرھ جي مناسبت سان 4 آڪٽوبر 2026ع تي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. ھن چيو ته مرزا قليچ بيگ پنھنجن ڪتابن ذريعي اسانجي دنيا ڏيکاري ۽ ھاڻي اسان ڪانفرنس گھرائي دنيا جي سندس تحريرن ۽ تحقيقي ڪمن کان آگاھ ڪنداسين. ھن چيو ته سندس سموري ڪم تي جديد انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏھن تہ ويڊيوز جي صورت ۾ ننڍيون ننڍيون رپورٽون ٺاھي انھن کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي ضرورت آھي. چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته هن وقت تائين چيئر مرزا قليچ بيگ جا 62 ڪتاب شايع ڪري چڪي آهي، ٻه اسڪالر شمس العلماءُ جي ڪم تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن. مرزا صاحب جا قلمي توڙي ڇپيل ڪتاب چيئر ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر تهمينه مفتي شيڪسپيئر جي ڊرامن جي مرزا قليچ پاران ڪيل ترجمي جي اهميت ۽ افاديت تي تفصيل سان ڳالھايو. محترم تاج جويو مرزا صاحب جي مزار ادارن طرفان ٻيهر بهتر انداز ۾ تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي.مرزا صاحب پنهنجو رڪارڊ شاندار طريقي سان محفوظ ڪيو آهي. فھيم نوناري چيو ته مرزا صاحب جديد دنيا جو وڏو مفڪر هو، مرزا قليچ پنهنجو رڪارڊ شاندار طريقي سان محفوظ ڪيو آهي. ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا چيو ته ڏاڏا قليچ بيگ دنيا جي هر موضوع تي قلم کنيو ۽ پنھنجي زندگيءَ ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر حسين مسرت چيو ته مرزا صاحب ناول زينت ۽ ٻين تحريرن ذريعي عورتن جي حقن ۽ خود مختياري جي ڳالهه ڪئي. مخمور بخاري چيو ته ٻاراڻي ادب تي مرزا صاحب جي لکيل ڪتابن کي ٻيھر شايع ڪرائڻ گهرجي. ادريس جتوئي چيو ته مرزا قليچ نصاب جي ڪتابن کان علاوه به وڏو ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته مرزا قليچ م وڏو عالم هو، جڏھن ته موجودہ چيئر بهتر ڪم ڪري رهي آهي. واضح رھي تہ نصير مرزا پروگرام جي ڪارروائي هلائي. تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر فياض لطيف، محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر نور محمد شاھ، سينيئر صحافي توڙي ليکڪ نياز پنھور، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر ريحانه نذير لغاري، ڊاڪٽر رشدالله شاهه (مخمور بخاري)، عبدالمجيد پنھور، تاج جويو، نصير مرزا، قزلباش مرزا، گل شير ڪوريجو، فهيم نوناري، انجنيئر مرتضي چاچڙ، پروفيسر حميد ابڙو، جاويد نثار حسيني، مولابخش محبتي، حافظ احمد الدين انڍڙ ۽ ٻيا موجود ھئا. ان کان اڳ
صبح ساڍي اٺين بجي قليچ چيئر سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا سنڌ جي عالمن اديبن سان گڏجي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ واقع بلند شاهه قبرستان پهچي مرزا قليچ بيگ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي، اتي سنڌي ادبي بورڊ ۽ قليچ خاندان پاران به گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.