سنڌ يونيورسٽي جي ڪنٽرولر بي ڪام ۽ اي ڊي ڪامرس (حصو ٻيون) جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو بي.ڪام (پاس) حصو ٻيون ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري (اي ڊي) ڪامرس حصو ٻيون سالياني امتحان 2023 جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ڄاڻايل امتحان فيبروري 2025 ۾ ورتا ويا هئا. سالياني امتحانن جي ڪنٽرولر سيد احسان الله راشدي موجب بي ڪام حصو ٻيون ۾ ڪل 55 اميدوار شامل ٿيا، جن مان 35 ڪامياب ٿيا، جڏھن تہ ڪاميابيءَ جو تناسب 63.63 سيڪڙو رهيو. ڪو به اميدوار فرسٽ ڪلاس ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو؛ سيڪنڊ ڪلاس ۾ 32 ۽ ٿرڊ ڪلاس ۾ 3 اميدوار ڪامياب ٿيا. ست اميدوار ناڪام ٿيا، ٻه غير حاضر رهيا، جڏهن ته 11 اميدوارن جا نتيجا مختلف سببن ڪري روڪيا ويا. اي ڊي (ڪامرس) حصو ٻيون امتحانن ۾ 2,776 شاگردن شرڪت ڪئي، جن مان 2,419 ڪامياب ٿيا ۽ مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 87.13 سيڪڙو رهيو. تفصيل موجب 185 اميدوار فرسٽ ڪلاس ۾، 2,171 سيڪنڊ ڪلاس ۾ ۽ 63 ٿرڊ ڪلاس ۾ ڪامياب ٿيا. 48 اميدوارن جا نتيجا پارٽ-ون ۾ ناڪاميءَ سبب روڪيا ويا، پنج نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ طرفان روڪيا ويا، 81 اميدوارن جا پيپر رپورٽ سبب منسوخ ٿيا ۽ 4 جا سڀ پيپر منسوخ ٿيا. ان کان علاوه 28 غير حاضر ۽ 191 اميدوار ناڪام ٿيا. ھوڏانھن ڪنٽرولر ڪامياب اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ناڪام ٿيل شاگردن کي صلاح ڏني ته ايندڙ امتحانن لاءِ وڌيڪ محنت ڪن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 07/30/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي ڪنٽرولر بي ڪام ۽ اي ڊي ڪامرس (حصو ...
View Details → 07/30/2025
1024 x 768
SU announces B.Com, AD (Commerce) Part-II results
View Details → 07/30/2025
1024 x 768
ناظم سالانہ امتحانات جامعہ سندھ جامشورو نے بی کام...
View Details → 07/30/2025