سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم ايس/ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي باٽني ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز 2 سيپٽمبر تي ورتا ويندا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز ۾ تعليمي سال 2025ع لاءِ ايم ايس/ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2025ع لاءِ ايم ايس/ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي باٽني ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ اهل اميدوارن جا انٽرويوز 2 سيپٽمبر تي صبح جو نائين وڳي شعبي جي ڊائريڪٽر آفيس ۾ ورتا ويندا. اميدوارن کي وقت جي پابنديءَ سان انٽرويو ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي..

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/29/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي...
View Details → 10/09/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے اے ڈی آرٹس، اے ڈی کامرس، اے ڈ...
View Details → 10/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends deadline for Annual Examination 2025 up to October 9, 2026
View Details → 10/09/2026