سنڌ يونيورسٽي پاران زيرتعليم شاگردن لاءِ داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 10 سيپٽمبر تائين واڌ جو اعلان: مقرر تاريخ تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙن جا اي پورٽل اڪائونٽ معطل ٿيندا ۽ ايل ايم ايس کي بلاڪ ڪيو ويندو: ڊائريڪٽر ايڊميشنز

سنڌ يونيورسٽي ۾  مختلف ڊگري پروگرامن ۾ 2021ع کان 2025ع تائين بيچز تحت زيرتعليم شاگردن لاءِ داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ هاڻي 10 سيپٽمبر 2025ع مقرر ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل واڌ مان ايل ايل بي، بي اي، ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي، ايم بي اي، فارم ڊي سميت بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن (صبح ۽ شام ٻنهي شفٽن) جا شاگرد فائدو وٺي سگھندا. ڊائريڪٽر ايڊميشنز شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجا چالان اي پورٽل تان ڊائون لوڊ ڪن ۽ 1 لنڪ سهولتن، ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ يا ڪنهن به بئنڪ جي موبائل ايپ ذريعي آخري تاريخ کان اڳ جمع ڪرائن. ھن خبردار ڪيو ته جيڪي شاگرد مقرر وقت اندر فيس جمع نه ڪرائيندا، تن جا اي پورٽل اڪائونٽ معطل ڪيا ويندا، ايل ايم ايس بلاڪ ٿي ويندي ۽ نتيجن ۽ علمي سهولتن تائين سندن رسائي به بند ڪئي ويندي

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/29/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائ...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے بیچلر ڈگری پروگرامز میں داخ...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
ڇھ روزه سنڌالاجي ڪتابي ميلو
View Details → 09/03/2025