سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي پرئڪٽس شعبي جي 4 پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي فائنل سيمينارن جو شيڊيول جاري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران فارميسي پرئڪٽس شعبي جي 4 پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي فائنل سيمينارن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فارميسي پرئڪٽس شعبي جي پي ايڇ ڊي اسڪالرن ارسلان احمر ۽ سائره شهناز جا فائنل سيمينار 4 سيپٽمبر 2025ع تي صبح جو 10 وڳي، جڏهن ته ثابت علي ۽ عبدالله ڏيئو جو فائنل سيمينار 5 سيپٽمبر تي صبح جو 10 وڳي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ منعقد ٿيندا. ان موقعي تي چارئي اسڪالر پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندا، اسڪالرن جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو ڊاڪٽر ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر مدثر اقبال آرائين پڻ سيمينار ۾ موجود هوندا. پڌرائيءَ موجب سيمينارن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/02/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرا...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل ...
View Details → 02/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ...
View Details → 01/21/2026