سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2026ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد، پهرئين مرحلي ۾ 9 هزار 341 اميدوارن جي شرڪت:انٽري ٽيسٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته هر اميدوار جي چونڊ صرف ميرٽ تي ٿئي، اميدوارن جو وڌندڙ تعداد شاگردن ۽ والدين جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار تي اعتماد جو ثبوت آهي: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جو پريس بريفنگ ۾ اظهار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو م اڪيڊمڪ سيشن 2026ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ گذريل ڏينهن منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ 9341 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن ۾ 1801 شاگردياڻيون به شامل هيون. پهرئين مرحلي جي داخلا ٽيسٽ ۾ مجموعي طور 22 هزار درخواستگذارن مان 9341 اميدوارن حصو ورتو، جڏهن ته داخلائن لاءِ 11 هزار سيٽون مختص آهن. ٽيسٽ صبح جو ساڍي 10 وڳي شروع ٿي ۽ 90 منٽن تائين جاري رهي. اميدوارن جو تعلق سنڌ جي 14 ضلعن دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪراچي، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، خيرپور، لاڙڪاڻو، مٽياري، نوشهروفيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد ۽ سکر سان هو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ اميدوارن پڻ ٽيسٽ ۾ بهرو ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ٽيسٽ واري عمل جو جائزو ورتو ۽ ذاتي طور نگراني ڪئي. هن ٽيسٽ لاءِ مختلف ڪميٽين پاران ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هڪ پريس بريفنگ به منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي صحافين کي ٽيسٽ جي انتظامن ۽ اميدوارن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن بابت آگاهه ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مريءَ چيو ته ٽيسٽ جو پرامن ۽ منظم انداز ۾ منعقد ٿيڻ يونيورسٽيءَ جي بهترين حڪمت عملي جو نتيجو آهي. هن چيو ته ٽيسٽ کي ٻن مرحلن ۾ ورهائڻ سان نه رڳو رش کان بچاءُ ٿيو، پر انتظامي خرچن ۾ به گهٽتائي آئي. هن ٻڌايو ته هن سال اميدوارن جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شاگردن ۽ والدين سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار تي اعتماد ڪن ٿا. هن چيو ته اميدوارن لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون. وي سي ڊاڪٽر مري چيو ته سنڌ يونيورسٽي هميشه ميرٽ، شفافيت ۽ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. سندس چوڻ هو ته پري انٽري ٽيسٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته هر اميدوار جي چونڊ صرف ميرٽ جي بنياد تي ٿئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو داخلائن وارو نظام مڪمل طور تي ڊجيٽلائيزڊ آهي، جنهن سان اميدوارن جي ميرٽ، شفافيت ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻايو ويندو آهي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته آن لائين رجسٽريشن کان وٺي رزلٽ پروسيسنگ تائين سڄو نظام خودڪار آهي، جنهن ۾ ڪنهن به بي ضابطگيءَ جي گنجائش نه آهي. هن استادن، انتظامي عملي، رضاڪارن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو، جن وڏي پئماني تي ٿيل هن ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي، آئون سندن خلوص تي فخر محسوس ڪريان ٿو. هن ميڊيا جو به ٿورو مڃيو ۽ ٻڌايو ته ٽيسٽ جا نتيجا جلدي يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا. ان کان اڳ وائيس چانسلر سان گڏ مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ساجد قيوم ميمڻ، پروفيسر امر سنڌو، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، سيد سجاد حسين شاهه، محمد علي گهانگهرو، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ذوالفقار علي رستماڻي، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، انجنيئر شبير عباسي، انجنيئر تنوير گلفام، ڊاڪٽر راشد علي کهڙو، ڊاڪٽر پنهل خان سومرو، اجويد احمد ڀٽي، ڊاڪٽر نانڪ رام ۽ ٻين آفيسرن توڙي عملي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. ٽيم ٽيسٽ مرڪزن، سيڪيورٽي انتظامن، پارڪنگ جي سهولتن ۽ رضاڪارن جي ڊيوٽين جو معائنو ڪيو ۽ هدايت ڏني ته اميدوارن کي سموريون سهولتون ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اميدوارن جي سهولت لاءِ 140 نوجوان رضاڪار مقرر ڪيا ويا، جن اميدوارون کي لاڳاپيل بلاڪن تائين پهچڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. ٽرانسپورٽ سيڪشن پڻ پنهنجو پلان جاري ڪيو، جنهن موجب حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ جي مختلف رستن تان پوائنٽ بسون صبح ساڍي ستين وڳي روانيون ٿيون. روٽ پلان يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا پيجن تي جاري ڪيا ويا هئا. اميدوارن جي پهچڻ کان اڳ بم ڊسپوزل اسڪواڊ پوري ڪئمپس جي تلاشي وٺي ڪليئر قرار ڏنو هو. واڪ ٿرو گيٽس انٽري پوائنٽس تي لڳايا ويا، جڏهن ته ڪنهن به تڪڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون. انتظامن موجب شاگردن لاءِ سنڌالاجي گيٽ جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ اسٽيشن روڊ کي انٽري پوائنٽ مخصوص ڪيو ويو. والدن لاءِ ويهڻ توڙي پارڪنگ جا جوڳا انتظام ڪيا ويا. ٽيسٽ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جا سيڪيورٽي گارڊ پوليس اهلڪارن جي سهڪار سان خدمتون انجام ڏيندا رهيا، جڏهن ته ٽرئفڪ جو نظام ٽرئفڪ پوليس حوالي هو. 1801 شاگردياڻين لاءِ ڌار بلاڪ انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 7540 شاگردن کي فئڪلٽي آف آرٽس، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري ۽ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ويهاريو ويو. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب پهرئين مرحلي جي ٽيسٽ جا نتيجا ساڳئي ڏينهن جاري ڪيا ويندا. واضح رهي ته پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو ايندڙ هفتي 19 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندو، جنهن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت جي توقع آهي. ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو چيو ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال اميدوارن جو تعداد وڌيڪ آهي. ٻئي طرف پهرئين مرحلي جي ٽيسٽ جي پرامن انعقاد تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.