
سنڌ يونيورسٽي پاران سي ايس ايس جي خواهشمند اميدوارن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن جو اهتمام، لاهور سول سروسز اڪيڊمي جي ڊي جي شاگردن کي نظم ضبط، وابستگي ۽ قومي جذبي کي اپنائڻ جي صلاح ڏني؛ ڊجيٽل ذريعن ۽ گڏيل مطالعن جي فورمن ذريعي موجوده حالتن ۽ گورننس جي چئلينجن بابت پاڻ کي اپڊيٽ رکڻ گهرجي، سول سروسز اڪيڊمي جي سماجي ڀلائي تي ٻڌل سرگرميون سماجي ذميوار ۽ عوام دوست آفيسر پيدا ڪرڻ لاءِ نڀايون پيون وڃن: ڊي جي سول سروسز فرحان عزيز خواجه، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبير اختر زيدي، ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ ٻين جو ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي سهڪار سان وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ سي ايس ايس اميدوارن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن ڪاميابيءَ سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيا، جيڪي مقابلي جي امتحانن ۽ سول سروسز بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پرجوش هئا. مهمان خاص ڊائريڪٽر جنرل سول سروسز اڪيڊمي لاهور فرحان عزيز خواجه سي ايس ايس جي تياري ۽ سول سروسز جي اهميت بابت ڳالهائي شاگردن کي متاثر ڪيو. هن زور ڀريو ته سي ايس ايس ۾ ڪاميابيءَ لاءِ مقصد جي وضاحت، مسلسل محنت ۽ قومي ترقيءَ سان مڪمل وابستگي ضروري آهي. هن چيو ته سي ايس ايس رڳو امتحان نه پر اهو ڄاڻ وڌائڻ، ذهني واڌ ويجهه ۽ قومي ذميواريءَ جو سفر آهي. هن اميدوارن کي صلاح ڏني ته هو تنقيدي سوچ جي عادت پيدا ڪن ۽ لکت جي مهارتن تي ڌيان ڏين، ڇاڪاڻ ته سينئر سپيرئر سروس لکت واري امتحان ۾ فيصلائتي اهميت رکي ٿي. اخلاقي قدرن جي اهميت تي زور ڏيندي هن چيو ته ايمانداري ۽ همدردي هر سول سرونٽ جي دل ۾ هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي حقيقي قيادت جون علامتون آهن. ڊي جيءَ شاگردن کي همٿايو ته ڊجيٽل ذريعن ۽ گڏيل مطالعن جي فورمن ذريعي موجوده حالتن ۽ گورننس جي چئلينجن بابت پاڻ کي اپڊيٽ رکڻ گهرجي. سول سروسز اڪيڊمي ۽ ڪامن ٽريننگ پروگرام جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبير اختر زيدي پنهنجي تجربي مان نوجوان آفيسرن جي تربيت جا احوال شيئر ڪيا ۽ سول سروسز اڪيڊمي جي سماجي ڀلائي تي ٻڌل سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني. اهڙيون سرگرميون جيڪي سماجي ذميوار ۽ عوام دوست آفيسر پيدا ڪرڻ لاءِ نڀايون پيون وڃن. هن شاگردن کي حڪمت عمليءَ سان تياري ڪرڻ جي صلاح ڏني، خاص طور تصوراتي وضاحت، تجزياتي سوچ ۽ وقت جي مؤثر استعمال تي زور ڀريو. هن چيو ته سي ايس ايس امتحان دراصل ذهني برداشت ۽ روين جي آزمائش جو نالو آهي، اهي اميدوار جيڪي صبر ۽ جذبي سان تياري ڪن ٿا، اهي ضرور ڪامياب ٿين ٿا. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرڄامشورو ڊاڪٽر عدنان تنيو سنڌ يونيورسٽي جي بااثر ۽ ڄاڻ ڀري پليٽ فارم جي ساراھ ڪندي چيو ته سول سروسز ۾ ڪاميابي لاءِ رڳو ذهانت نه پر جذباتي استقامت ۽ اخلاقي مضبوطي به ضروري آهي. هن اميدوارن کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي قابليت تي يقين رکن ۽ تياري لاءِ ڀرپور حڪمت عملي اختيار ڪن. هن چيو ته اندرئين سنڌ جي شاگردن لاءِ موقعا تمام گهڻا آهن، پر صرف کين صحيح رهنمائي ۽ موقعا ملڻ جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا سيشن علمي سکيا ۽ حقيقي گورننس جي وچ ۾ پل جو ڪم ڏين ٿا ۽ شاگردن ۾ قومي خدمت جو اعتماد پيدا ڪن ٿا. سنڌ يونيورسٽِ جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريطر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الفتاح سومرو چيو ته ٻوليءَ تي عبور، تنقيدي سوچ ۽ تجزياتي لکڻيون سي ايس ايس امتحان ۾ ڪاميابي جا بنيادي ٿنڀا آهن. هن ڄامشوري ۾ شاگردن ۽ سي ايس ايس اميدوارن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جيڪو مسلسل رهنمائي، تربيت ۽ وسيلا فراهم ڪندو۔ ان موقي تي سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جي پري وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه پنهنجي تقرير ۾ آءِ اِي ايل ايل جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي نوجوانن لاءِ تعليمي ۽ پيشورانه موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اڳڀري آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي قيادت جون صلاحيتون نکارڻ ۽ شاگردن کي قومي سطح جي چئلينجن جهڙوڪ سي ايس ايس لاءِ تيار ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي سهڪار ۽ حوصلا افزائي واريون سرگرميون ضروري آهن ته جيئن سنڌ جي نمائندگي پاڪستان جي اعليٰ سول سروسز ۾ وڌ کان وڌ ٿيندي رهي. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ جو نوجوان بيحد باصلاحيت ۽ توانائي سان ڀرپور آهي، رڳو کين درست رهنمائي ۽ تربيت جي ضرورت آهي، جيڪا يونيورسٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ليڪچر پروگرام جي پڄاڻي هڪ سوال ۽ جواب واري انٽريڪٽو سيشن سان ٿي، جنهن ۾ اميدوارن کي تياريءَ جي حڪمت عملين، اختياري مضمونن جي چونڊ ۽ پيشورانه حوصلا افزائي بابت معزز مهمانن طرفان ذاتي مشورا ڏنا ويا.