سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ٻيهر الاٽمينٽ لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 فيبروري مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ٻيهر الاٽمينٽ لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجا الاٽمينٽ فارم بوائز هاسٽلز جي اڪيڊمڪ سيڪشن مان آفيس ٽائيم دوران 2 فيبروري 2026ع کان اڳ حاصل ڪري جمع ڪرائي سگهن ٿا. سرڪيولر ۾ انهن ضروري دستاويزن جي فهرست پڻ جاري ڪئي ويئي آهي، جيڪي شاگردن کي پنهنجي درخواستن سان گڏ لڳائڻ لازمي آهن. انهن ۾ داخلا چالان جون ڪاپيون، قومي شناختي ڪارڊ، يونيورسٽي وارو سڃاڻپ ڪارڊ، هاسٽل ڪارڊ، گذريل هاسٽل چالان، پاسپورٽ سائيز تصويرون، هاسٽل فارم ۽ فيس چالان شامل آهن. شاگردن کي اها به هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو هاسٽل اڪموڊيشن فارم ۽ فارم پروسيسنگ فيس چالان پنهنجي اي-پورٽل مان حاصل ڪن. پرووسٽ ڊاڪٽر لاشاري واضح ڪيو آهي ته فارم پروسيسنگ فيس سمورين بئنڪن ۾ موجود ون بل سهولت ذريعي جمع ڪرائي وڃي. هن سختي سان تنبيهه ڪئي ته شاگرد ايزي پئسا، يو بي ايل اومني، جيز ڪيش يا ٽي سي ايس ذريعي فيس جي ادائگي هرگز نه ڪن.  هاسٽل جي ري الاٽمينٽ پروسيسنگ فيس جي ادائگيءَ لاءِ صرف بئنڪن جي ون بل آءِ ڊي سسٽم کي ئي قبول ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/21/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026