سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل الاٽمينٽ شروع
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس ۾ سال 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل الاٽمينٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بوائيز ساسٽلز جي پرووسٽ آفيس پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهائش حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو پنهنجون مڪمل ڀريل درخواستون مقرر تاريخ کان اڳ بوائز هاسٽلز جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائين. درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 16 فيبروري 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته درخواست سان گڏ داخلا چالان، اميدوار جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ، والد يا سرپرست جو سڃاڻپ ڪارڊ، شاگرد جي داخلا وارو سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ سائيز تصويرون ۽ غير ملڪي شاگردن جي صورت ۾ پاسپورٽ جون ڪاپيون لازمي طور جمع ڪرايون وڃن. سرڪيولر موجب 2026ع بيچ کانسواءِ ٻيا سڀئي شاگرد يونيورسٽي جي اي-پورٽل ذريعي هاسٽل الاٽمينٽ فارم ۽ پروسيسنگ فيس جو چالان حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته 2026ع بيچ جي شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سنڌ يونيورسٽي جي سرڪاري داخلا ويب سائيٽ تان فارم ڊائون لوڊ ڪن. پرووسٽ آفيس اميدوارن کي وڌيڪ صلاح ڏني آهي ته هاسٽل فارم جي پروسيسنگ فيس جو چالان ڪنهن به اهڙي بينڪ ۾ 1 بل آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرايو وڃي، جتي 1 بل سهولت موجود هجي، جڏهن ته ايزي پئسا، يو بي ايل اومني، ٽي سي ايس يا جيز ڪيش ذريعي ادائيگي قبول نه ڪئي ويندي. سڀني درخواستن جي تصديق عدالتي مجسٽريٽ کان ڪرائڻ لازمي آهي، جڏهن ته ٻين صوبن يا پرڏيهي ملڪن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي ڊائريڪٽر ايڊميشنز، سنڌ يونيورسٽي کان تصديق ڪرائڻي پوندي.