سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 مارچ تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي هاسٽل في 5 مارچ 2026ع تائين جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ سندن هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. سرڪيولر ۾ هاسٽلر شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو يونيورسٽيءَ جي اي-پورٽل ذريعي هاسٽل فيس جو چالان حاصل ڪري سگهن ٿا، پرووسٽ آفيس اميدوارن کي وڌيڪ صلاح ڏني آهي ته فيس جو چالان ڪنهن به اهڙي بينڪ ۾ 1 بل آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرايو وڃي، جتي 1-بل سهولت موجود هجي، جڏهن ته ايزي پئسا، يو بي ايل اومني، ٽي سي ايس يا جيز ڪيش ذريعي ادائيگي قبول نه ڪئي ويندي. ڊاڪٽر لاشاري جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل مدو پورو ٿيڻ بعد تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/25/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرا...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل ...
View Details → 02/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ...
View Details → 01/21/2026