آئرش مفڪر جارج برنارڊ شا جي تصنيف “خدا جي تلاش ۾ ڪاري ناريءَ جا سفر” جي جواب ۾ لکيل علامه آءِ آءِ قاضي جي ناول “خدا جي تلاش ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جا سفر” جي فلسفياڻي پهلوئن تي تفصيلي ليڪچر
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران نامور مفڪر، تعليمي اڳواڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي باني وائيس چانسيلر علامه آءِ آءِ قاضي جي فڪري شاهڪار ناول “خدا جي تلاش ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جا سفر” تي هڪ جامع ۽ علمي ليڪچر آرٽس فيڪلٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته سنڌي فڪر عالمي ادب سان مڪالماتي وابستگيءَ جو بهترين مثال آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته علامه قاضي جي ناول کي اڄ جي جديد دور ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ به انسان سچائي، امن ۽ روحاني اطمينان جي ڳولا ۾ سرگردان آهي. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي فڪري شاهڪار ناول “خدا جي تلاش ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جا سفر” کي ٻيهر سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ علامه آءِ آءِ قاضي چيئر ذريعي ٻيهر سنڌي ۽ اردو ۾ ڇپرايو ويندو، ضرورت پئي ته انکي انگريزي ۾ پڻ ٻيهر ڇپرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙا علمي پروگرام نوجوان نسل کي فڪر جي گهرائيءَ سان روشناس ڪرائين ٿا ۽ کين تنقيدي سوچ ڏانهن راغب ڪن ٿا. هن چيو ته کيس خوشي ٿي ته سڄي ليڪچر دوران شاگرد ۽ شاگردياڻيون ويٺل رهيا ۽ پرامن ۽ پرسڪون انداز ۾ ناول بابت آگاهي حاصل ڪئي، هن چيو ته شاگرد اهڙن پروگرامن ۾ ضرور شرڪت ڪن پر ٿورو وقت ويهي وري ٻاهر اچ وڃ ڪرڻ بدران آرام سان مقررن کي ٻڌن ۽ ڄاڻ حاصل ڪن. ان موقعي تي اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ محقق اڪبر لغاري پنهنجي ليڪچر ۾ ناول جي ادبي اهميت سان گڏ ان جي فلسفياڻي ۽ روحاني پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي. سندس چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي جو ڄاڻايل ناول مشهور آئرش مفڪر جارج برنارڊ شا جي تصنيف “خدا جي تلاش ۾ ڪاري ناريءَ جا سفر” جي فڪري تسلسل جي جواب طور لکيل آهي، پر ان جو دائرو گهڻو وسيع ۽ گهرو آهي. هن چيو ته جتي برنارڊ شا مغربي مذهبي خيالن تي تنقيدي انداز اختيار ڪيو، اتي علامه قاضيءَ اوڀر جي روحانيت ۽ اسلامي فڪر کي بنياد بڻائي خدا جي تلاش کي مثبت ۽ تعميري رخ ڏنو. اڪبر لغاري وڌيڪ چيو ته “برائون گرل” يا ڀوري ناريءَ جو ڪردار دراصل انسان جي علامت آهي، اهو انسان وجود جي معنيٰ، خدا جي حقيقت ۽ زندگيءَ جي مقصد بابت سوال کڻي سفر تي نڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته ناول ۾ وجوديت، تصوف، توحيد ۽ اخلاقي فلسفي جا عنصر نمايان نظر اچن ٿا. هن چيو ته علامه قاضيءَ عقل ۽ ايمان جي وچ ۾ تڪرار کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن دليل ڏنو ته ناول ۾ عقل کي رد نٿو ڪيو وڃي، پر ان کي روحانيت سان هم آهنگ بڻايو ويو آهي. هن چيو ته خدا جي تلاش صرف منطقي بحث تائين محدود ناهي، پر اهو انسان جي اندروني شعور، وجدان ۽ اخلاقي شعور سان پڻ لاڳاپيل آهي. اڪبر لغاري چيو ته علامه قاضي جو ناول اوڀر ۽ اولهه جي فڪر جي وچ ۾ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو. هن وضاحت ڪئي ته علامه قاضي مغربي فلسفي جي سوالن کي قبول ڪندي انهن جا جواب اوڀر جي صوفياڻي روايت ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ناول ۾ وحدت الوجود، انساني برابري ۽ عالمي ڀائيچاري جو پيغام ڏنل آهي، جيڪو اڄ جي دور ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو. هن زور ڀريو ته ناول ۾ اخلاقي فلسفي کي به اهم جاءِ ڏني وئي آهي. هن چيو ته خدا جي تلاش صرف مابعدالطبيعاتي بحث ناهي، پر اها انسان جي عملي زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته انصاف، محبت، سچائي ۽ انسانيت ناول جا مرڪزي قدر آهن. هن وڌيڪ چيو ته علامه قاضي جو پيغام اهو آهي ته حقيقي خدا شناسي انسان جي ڪردار ۽ عمل ۾ ظاهر ٿئي ٿي. مقرر اڪبر لغاري چيو ته “خدا جي تلاش ۾ ڀوري ناريءَ جا سفر” نه رڳو هڪ ادبي شاهڪار آهي، پر فڪر ۽ روحانيت جو اهڙو سرچشمو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي وجود جي سچائيءَ سان روبرو ڪرائي ٿو. هن زور ڀريو ته هن ناول کي ٻيهر سنڌي ۽ اردو ۾ ڇپرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهيءَ ناول کي علمي بحث مباحثن جو حصو بڻائڻ گهرجي ته جيئن نوجوان نسل کي اوڀر ۽ اولهه جي فڪر جي سنگم کان روشناس ڪرائي سگهجي. مقرر جو وڌيڪ چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي جو هي ناول اصل ۾ آئرش مفڪر ۽ ڊراما نگار جارج برنارڊ شا جي ڪتاب “خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جا سفر” جي فڪري سنگت ۽ ادبي مڪالمو آهي. هن وضاحت ڪئي ته برنارڊ شا پنهنجي تصنيف ۾ مغربي مذهبي تصورن تي تنقيدي ۽ طنزيه انداز اختيار ڪيو، جڏهن ته علامه قاضي اوڀر جي روحانيت، اسلامي فڪر ۽ صوفياڻي روايتن جي روشنيءَ ۾ ان بحث کي وڌيڪ تعميري رخ ڏنو. اڳوڻي بيوروڪريٽ چيو ته “برائون گرل” جو ڪردار علامتي حيثيت رکي ٿو، جيڪا اوڀر جي نمائندگي ڪندي خدا جي تلاش ۾ نڪري ٿي. هن سفر دوران هوءَ مختلف مذهبي نظرين، فلسفياڻي دليلن ۽ فڪري مڪتبن سان روبرو ٿئي ٿي. مقرر موجب علامه قاضي جو ناول محض هڪ ادبي تخليق نه پر فڪر جي آزادي ۽ سوال ڪرڻ جي جرئت جو پيغام آهي. ليڪچر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته علامه قاضي پنهنجي ناول ۾ انساني عقل، ايمان، وجدان ۽ روحانيت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڪتاب پنهنجي پڙهندڙ کي اندرين سچائيءَ سان ملاقات ڪرائي ٿو ۽ خدا جي تلاش کي محض رسمي عبادت نه پر فڪري ۽ اخلاقي جستجو طور پيش ڪري ٿو. ليڪچز جي پڄاڻيءَ تي سوال جواب جو سيشن پڻ ٿيو، جنهن دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف فڪري ۽ فلسفياڻا سوال پيش ڪيا، جن جا مقرر تفصيلي جواب ڏنا. ان موقعي تي فيڪلٽي آف آرٽس جو ڊين ڊاڪٽر محمد خان سانگي، فيڪلٽي آف سوشل سائنس جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رشدالله شاهه المعروف مخمور بخاري، معروف صحافي ۽ ڏاهو نياز پنهور، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، جمال الدين، راجه الطاف، محبوب لغاري، ڊاڪٽر شميل، ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري، ڊاڪٽر انور حسين، ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور، ڊاڪٽر سوجومل، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر طارق عمراڻي، ڊاڪٽر ثناءُ الله انصاري، ڊاڪٽر شازيه پتافي، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، امر سنڌو، ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، فهميده نارائي، عصمت خليلي، حسام ميراڻي، ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو، ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، منير چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب، دانشور، اسڪالر، استاد ۽ آفيسر موجود هئا.