سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 اپريل تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ بوائز هاسٽلن جي الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بوائز هاسٽلز جي پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي هاسٽل في 5 اپريل 2026ع تائين جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ سندن هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. سرڪيولر ۾ هاسٽلر شاگردن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو يونيورسٽيءَ جي اي-پورٽل ذريعي هاسٽل فيس جو چالان حاصل ڪري سگهن ٿا، پرووسٽ آفيس اميدوارن کي وڌيڪ صلاح ڏني آهي ته فيس جو چالان ڪنهن به اهڙي بينڪ ۾ 1 بل آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرايو وڃي، جتي 1-بل سهولت موجود هجي، جڏهن ته ايزي پئسا، يو بي ايل اومني، ٽي سي ايس يا جيز ڪيش ذريعي ادائگي قبول نه ڪئي ويندي. ڊاڪٽر لاشاري جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل مدو پورو ٿيڻ بعد تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/27/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرا...
View Details → 03/27/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 03/27/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جا سمورا ڪئمپسز 20 کان 22 مارچ تا...
View Details → 03/19/2026