سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ 4 سالا ايل ايل بي پروگرامن ۾ داخلائون شروع ڪرڻ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سرڪاري توڙي نجي لاڳاپيل ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ چار سالا ايل ايل بي پروگرام ۾ داخلائن جي منظوري ڏيئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ ھلندڙ تعليمي سال لاءِ 4 سالا ايل ايل بي پروگرام ۾ داخلائن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. پڌرائيءَ ۾ لاڳاپيل ڪاليجن جي پرنسپالن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته هو 20 اپريل 2026ع کان داخلائن جو عمل شروع ڪن، جڏهن ته داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 مئي مقرر ڪئي ويئي آهي.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/21/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026