سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو عبوري شيڊول پڌرو، شاگردن لاءِ هدايت نامو پڻ جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته پهرئين سيمسٽر جا امتحان امڪاني طور مئي 2026ع جي پهرئين هفتي ۾ منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ شاگردن لاءِ ھڪ ھدايت نامو پڻ جاري ڪيو ويو. جنھن ۾ کين صلاح ڏني ويئي آھي ته پهرئين سيمسٽر جي امتحانن دوران سازگار تعليمي ماحول برقرار رکيو وڃي. اسٽوڊنٽ افيئرز جي ايڊوائيزر پاران جاري ڪيل ھڪ پڌرائيءَ ۾ شاگردن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته هو پنهنجو وقت مؤثر نموني استعمال ڪن ۽ بهترين تعليمي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تياريءَ تي مڪمل ڌيان ڏين. يونيورسٽي انتظاميا شاگردن تي اھو زور پڻ ڀريو آهي ته هو ڪيمپس اندر نظم ضبط، صبر ۽ هم آهنگي کي برقرار رکن ۽ اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪن، جيڪي تعليمي ماحول کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجن. شاگردن کي چيو ويو آهي ته هو تدريسي ۽ معاون عملي سان مڪمل سهڪار ڪن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/23/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي...
View Details → 10/09/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے اے ڈی آرٹس، اے ڈی کامرس، اے ڈ...
View Details → 10/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends deadline for Annual Examination 2025 up to October 9, 2026
View Details → 10/09/2026