سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو عبوري شيڊول پڌرو، شاگردن لاءِ هدايت نامو پڻ جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته پهرئين سيمسٽر جا امتحان امڪاني طور مئي 2026ع جي پهرئين هفتي ۾ منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ شاگردن لاءِ ھڪ ھدايت نامو پڻ جاري ڪيو ويو. جنھن ۾ کين صلاح ڏني ويئي آھي ته پهرئين سيمسٽر جي امتحانن دوران سازگار تعليمي ماحول برقرار رکيو وڃي. اسٽوڊنٽ افيئرز جي ايڊوائيزر پاران جاري ڪيل ھڪ پڌرائيءَ ۾ شاگردن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته هو پنهنجو وقت مؤثر نموني استعمال ڪن ۽ بهترين تعليمي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تياريءَ تي مڪمل ڌيان ڏين. يونيورسٽي انتظاميا شاگردن تي اھو زور پڻ ڀريو آهي ته هو ڪيمپس اندر نظم ضبط، صبر ۽ هم آهنگي کي برقرار رکن ۽ اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪن، جيڪي تعليمي ماحول کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجن. شاگردن کي چيو ويو آهي ته هو تدريسي ۽ معاون عملي سان مڪمل سهڪار ڪن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/23/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026