سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سرڪاري دوري تي چين روانگي؛ پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي يونيورسٽي جا روزاني انتظامي ۽ تعليمي معاملا هلائڻ جي ذميواري سونپي ويئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغهِ امتياز) جي عوامي جمهوريه چين جي پنجن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي روانگي سبب يونيورسٽي جي مين ڪيمپس جي پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي يونيورسٽي جا روزاني انتظامي ۽ علمي معاملا هلائڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ پاران جاري ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه 5 جولاءِ کان 9 جولاءِ 2026ع تائين وائيس چانسلر جي غيرموجودگي دوران يونيورسٽي جا روزاني انتظامي ۽ علمي معاملا سنڀاليندا ۽ سرڪاري ڪاروهنوار ھلائيندو ته جيئن يونيورسٽي جون سموريون علمي ۽ انتظامي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي سگھن. نوٽيفڪيشن موجب وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغهِ امتياز) کي چين جي بيجنگ لينگويج اينڊ ڪلچر يونيورسٽي جي سرڪاري دوري لاءِ پنجن ڏينهن جي ايڪس پاڪستان موڪل منظور ڪئي وئي آهي. اها موڪل سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي منظوري سان ڏني وئي آهي. سرڪاري دوري دوران پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيني يونيورسٽي جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، جنھن دوران ٻنهي ادارن وچ ۾ تعليمي تعاون کي هٿي وٺرائڻ، اداري سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، گڏيل تحقيقي منصوبن، استادن جي پيشيوراڻي ترقي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا وارن پروگرامن بابت نون موقعن تي خيال ونڊيا ويندا ته جيئن سنڌ يونيورسٽي ۽ چين جي اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ تعليمي سهڪار کي وڌيڪ فروغ ملي سگهي.