سنڌ يونيورسٽي طرفان انٽري ٽيسٽ جو پاسنگ اسڪور 33 مقرر، بچي پيل سيٽن تي ٻيهر ٽيسٽ وٺي رهجي ويل نوجوانن کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو، وائيس چانسلر جي صدارت ۾ ايڊميشن ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد

 سنڌ يونيورسٽي طرفان نئين تعليمي سال 2027ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾  داخلا  لاءِ  تازو ٿيل پري انٽري ٽيسٽ جو پاسنگ اسڪور 33 مقرر ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) جي صدارت هيٺ ٿيل  ايڊميشن ڪميٽي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل ان  اجلاس ۾ ايڊميشن ڪميٽي جي ميمبرن جن ۾ ڪئمپسز جا پروائيس چانسلرز، فئڪلٽيز جا ڊينز، مختلف شعبن جا هيڊز شامل هئا، شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته  داخلا جو پهريون مر حلو  مڪمل ٿيڻ ۽ ميرٽ لسٽون جاري ٿي وڃڻ بعد، جن شعبن ۾ سيٽون بچي پونديون، انهن جي ايڊورٽائيزمينٽ ڪري رهجي ويل نوجوانن کي ٻيهر اپلاءِ ڪرڻ ۽  ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پنهنجا صدارتي رمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيسٽ جي پاسنگ مارڪس جي شرح ۾ 9 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد داخلا جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي ٻيو نمبر قديم يونيورسٽي آهي، جنهن جي بهترين تعليمي ماحول سبب هر سال 22 هزار کان وڌيڪ اميدوار داخلا لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا ۽ يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ مقرر ٿيل سيٽن  تي، هر طبقي جي ٻار کي ميرٽ تي داخلا ڏئي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽي جو داخلائن وارو نظام مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ ۽ سئو سيڪڙو شفاف آهي، جنهن ۾ ڪنهن سان به ناانصافي جي ڪا گنجائش موجود ناهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهڻ سان رڳو شاگردن جي علم ۾ اضافو نه ٿو ٿئي پر سندن شخصيت جي تعمير به ٿئي ٿي. يونيورسٽي ۾ چار سال پڙهڻ بعد شاگرد جي شخصيت بلڪل ئي بدلجي وڃي ٿي ۽ ان ۾ نئون نکار اچي ٿو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن خصوصي طور تي نياڻين کي وڌ ۾ وڌ موقعو ڏيون ۽ ان مقصد تحت ئي داخلائن وارو هي پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد، بچي پيل سيٽن تي رهجي ويل خواهشمندن کي ٻيهر موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ان موقعي تي والدين کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجي اولاد خصوصي طور تي نياڻين کي داخلا جي ٻئي مرحلي ۾ ضرور اپلاءِ ڪرائين ته جيئن اهي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ ، سنڌ يونيورسٽي جي هن نئين موقعي مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي وائيس چانسلر  ايڊميشن ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي ڀليڪار چيو ۽ انٽري ٽيسٽ توڙي داخلا واري مرحلي ۾ سندن ڀرپور سهڪار جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو وائيس چانسلر کي سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس توڙي سندس مختلف ڪئمپسز ۾ مختلف شعبن ۾ موجود سيٽن جي تعداد، جنرل ميرٽ، سيلف فنانس، ڪوٽا جي مختلف ڪئٽيگريز  جي سيٽن وغيره بابت تفصيلي آگاهي ڏني، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو داخلا لاءِ اپلاءِ ڪندڙ  ميل ۽ فيميل اميدوارن جي ٽوٽل تعداد، ٽيسٽ  جي ٻنهي مرحلن ۾ حاضر ۽ غير حاضر رهندڙن جي ٽوٽل تعداد، وڌيڪ اسڪور سان پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن جي تفصيل سان گڏ ٽيسٽ جي مجموعي اسڪور بابت تفصيلي آگاهي ڏني. جنهن بعد اتفاق راءِ سان ٽيسٽ جو پاسنگ اسڪور 33 مقرر ڪيو ويو ۽ ان مطابق ميرٽ لسٽون ٺاهڻ واري مرحلي کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ،  مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊاڪٽر ناھيد ڪاڪا ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو سميت ايڊميشن ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر  محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري، ڊاڪٽر اميد علي رند، ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ڊاڪٽر فرحت نورين، محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، اجويد احمد ڀٽي ۽ آفتاب يوسف پرديسي شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/15/2026
Announcements
1024 x 768
Speakers Highlight the Role of Sports in Building a Healthy Society at SU Sports Festival ...
View Details → 11/13/2026
1024 x 768
مقررین نے صحت مند معاشرے کی تشکیل میں کھیلوں کے کر...
View Details → 11/13/2026
1024 x 768
SU Students Showcase Entrepreneurial Skills at Expo Featuring Over 50 Business Stalls
View Details → 11/12/2026