پاڪستان ۾ هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر سبب فوت ٿين ٿيون ۽ هر سال 90 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿين ٿا، آگاهي ۽ وقت سر تشخيص سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون: مقرر

سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي شعبي پاران ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. شعبي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل هن سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، جڏهن ته تقريب جي مکيه مقرر  ڇاتي جي ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽر عائشه مسرور ڀٽي هئي. اعزازي مهمانن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور احمد چانڊيو، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، انسٽيٽيوٽ آف ڪئميسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح هئا. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته ڇاتي جو ڪينسر اهڙي بيماري آهي، جنهن جو علاج ممڪن آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ان جي وقت سر ۽ شروعاتي اسٽيج تي  تشخيص ٿئي. جنهن لاءِ اويئرنيس تمام ضروري آهي ۽ ان حوالي سان استاد ۽ شاگرد اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسئلي کان پنهنجي گهر وارن، مٽن مائٽن ۽  پاڙيسرين کي واقف ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن ان مسئلي جي شڪار ماڻهن جي وقت سر مدد ٿي سگهي. هن چيو ته هن بيماري کي نظرانداز ڪرڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کي هن قسم جي تڪليف آهي ته ان کي فوري طور تي اسپتال ۾ ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي، اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ سموريون سهولتون موجود آهي. شروعاتي اسٽيج تي تشخيص سان هن جو ڪامياب علاج ممڪن آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو علاج ڪرائي مڪمل صحتمند ٿي چڪا آهن. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ڪينسر اهڙي بيماري آهي، جنهن جي تڪليف مان رڳو متاثر ماڻهو نه ٿو گذري پر ان جو پورو خاندان هڪ وڏي تڪليف مان گذري ٿو ۽ مالي مسئلن سميت مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو.هن چيو وقت سر آگاهي ۽ علاج ذريعي ان تڪليف مان بچي سگهجي ٿو. هن ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ شعبي جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته ان جو صحتمند معاشري جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار آهي، اهو آگاهي مهمن ذريعي هن بيماري جي نقصانڪار اثرن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڻي ۽ خوراڪ جو بيمارين جي وڌڻ ۾ اهم ڪردار آهي، جيڪڏهن صاف پاڻي جي دستيابي  ۽ صحتمند خوراڪ  کي يقيني بڻائجي ته بيمارين جي ريشي کي گهٽائي سگهجي ٿو هن چيو ته جيترو خرچ اسپتالن تي ڪيو وڃي ٿو، اهو جيڪڏهن صاف پاڻي ۽ خوراڪ تي ڪيو وڃي ته بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.هن چيو ته پوري دنيا تقريبن پوليو فري ٿي چڪي آهي، پر پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن، جتي اڃا به پوليو جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جنهن جو سبب ماڻهن ۾ ويڪسينيشن جو شعور نه هجڻ آهي، ان لاءِ گڏجي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هر ڄمندڙ نئين ٻار کي هي ويڪيسنيشن لڳي ته هتي به پوليو جو مڪمل خاتمو اچي سگهي ٿو. ان موقعي تي خطاب ڪندي  ڊاڪٽر عائشه مسرور ڀٽي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر سبب فوت ٿين ٿيون، جڏهن ته  90 هر سال  هزار ڪيس نوان ظاهر ٿين ٿا، جن ۾ گهڻائي آخري اسٽيج وارن جي هجي ٿي. جنهن جو سبب وقت سر آگاهي ۽ وقت سر تشخيص نه ٿيڻ آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪئنسر سان جنگ وڙهڻي آهي ۽ ان کي شڪست ڏيڻي آهي. ڊاڪٽر پير منظور احمد چانڊيو چيو ته پبلڪ هيلٿ شعبو بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ انهن کان بچاءُ ۽ علاج جي حوالي سان مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا پڻ سامهون اچي رهيا آهن. ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي ڪيسن ۾ ٿيندڙ اضافو نهايت ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ان لاءِ آگاهي ۽ معياري علاج جي تمام گهڻي اهميت آهي، ان حوالي سان هن قسم جا سيمينار وڌ ۾ وڌ منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا پڻ موضوع جي مناسبت سان پنهنجا ويچار ونڊيا. تقريب جي آغاز ۾ فزيالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/30/2026
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026