آرٽسٽ رنگن ذريعي احساسن جي ترجماني ۽ سماج جي تصويرڪشي ڪن ٿا: سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جي فن پارن جي نمائش
آرٽسٽ رنگن ذريعي احساسن جي ترجماني سان گڏ سماج جي تصوير ڪشي ڪن ٿا، آرٽ جو اظهار جو مضبوط ۽ موثر ذريعو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار مقررن انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ آرٽ اينڊ ڪرافٽ جي فن پارن جي نمائش ۾ ڪيو. نمائش جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو.ان موقعي تي انسٽيُٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد احمد منگي، ڊينز ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، سينڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، مختلف شعبن جا استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا. نمائش جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ جي شهيد بينظير ڀٽو آرٽ گئلري ۾ مختلف شعبن جن ۾ فائن آرٽس، ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪسٽائيل شامل آهن، جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان مختلف موضوعن ٺاهيل تجريدي آرٽ ۽ ڪرافٽ جا خوبصورت فن پارا نمائش لاءِ رکيا هئا. وائيس چانسلر شاگردن جي خوبصورت تخليقن کي نهايت ئي دلچسپي سان ڏٺو ۽ سندن ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تمام گهڻو ٽئلنٽ موجود آهي، کين سندن ٽئلنٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي اندر توڙي يونيورسٽي کان ٻاهر ڀرپور موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وائيس چانسلر ان حوالي سان تازو ڪراچي ۾ سنڌ ايڇ اي سي ۽ يونيورسٽي جي سهڪار سان ٿيل ٻن وڏن پروگرامن جو مثال ڏيندي چيو ته انهن ۾ پروگرامن ۾ مختلف يونيورسٽين جي 700 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ آرٽ جي نمائش ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جا فن پارا سڀني کان نمايان رهيا. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته جلد آرٽس ڪائونسل ڪراچي ٻين فورمز تي يونيورسٽي جي شاگردن جي فن پارن جي نمائش ڪريون.وائيس چانسلر چيو ته آرٽ ۾ امن جو پيغام آهي ۽ آرٽسٽ امن جا سفير آهن. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ميوزڪ سوسائٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، ميوزڪ به آرٽ جو حصو آهي، اسان چاهيون ٿا ته شاگردن جي اندر ۾ لڪل صلاحيتن کي اظهار جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪريون ۽ آرٽ ذريعي امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪريون. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد احمد منگي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ نمائش جي مقصدن تي روشني وڌي. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرٽس فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي چيو ته خيالن ۽ احساسن کي جڏهن رنگن ۾ پيش ڪجي ٿو ته اهي وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا. هن چيو ته هن قسم جون نمائشون شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ کين اتساهه پڻ ڏين ٿيون.ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪئميسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته انسٽيٽيوٽ هر نمائش ۾ نئون سرپرائيز ڏيندو آهي ۽ هر ڀيري نون موضوعن تي منفرد فن پارا هوندا آهن.هن چيو ته هتان جا شاگرد تمام گهڻا ٽئلنٽيڊ آهن، انهن کي پروموٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي شاگردن کي الڳ اسڪالرشپ اسڪيم وٺي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آرٽ جي ڪم تي سندن خرچ تمام گهڻو ٿئي ٿو. اسڪالرشپ ذريعي وسيلا ملڻ سان ته اهي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ هن وائيس چانسلر کي ڪوشش ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. هن چيو ته شاگردن جي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف مکيه شهرن جي ادارن ۾ نمائش ڪرائڻ جي گهرج آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر جي هدايت تحت انسٽيٽيوٽ طرفان تيار ڪيل زولاجي ۽ فزيالاجي شعبن جي بانيڪارن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري (جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسلر پڻ ٿيو) ۽ پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد شيخ جا ٻه خوبصورت پورٽريٽ وائيس چانسلر کي پيش ڪيا ويا جيڪي هن زولاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر رفعت سلطانا ۽ فزيالاجي. شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري جي حوالي ڪيا