سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ڊينز ڪميٽي جو اجلاس، امتحانن بابت شاگردن کي مڪمل سهولت ۽ آساني ڏيڻ تي اتفاق:

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽ مادر علمي کي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻائي نئين سڃاڻپ ڏياري ويندي، نوجوان استاد پنهنجن شعبن ۾ ريسرچ فورم جوڙي هيڪ جا مختلف وقتن تي ايندڙ ريسرچ پراجيڪٽ وڌ کان وڌ حاصل ڪن، جنهن سان اداري جو فائدو ٿيندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي مختلف شعبن جي ٽيچر جي وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو، جيڪي کيس وائيس چانسلر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيڻ آيا هئا. مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ايندڙن ۾ آءِ بي اي، فارميسي، مائيڪرو بائلاجي ۽ ٻين شعبن جا ٽيچرز شامل هئا. وائيس چانسلر چيو ته نوجوان ٽيچر پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ هڪ فورم قائم ڪن ۽ گڏجي لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق ڪن ته جيئن سنڌ يونيورسٽي کي اڳتي وڌائي سگهجي. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ريسرچ پروپوزل گهرائڻ دوران به نوجوان ٽيچر گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هو وڌ کان وڌ پراجيڪٽ حاصل ڪن، جنهن سان ڪئمپس تي تحقيقي ڪلچر کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جي بهتريءَ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ڊينز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي، ڊين آرٽس ڊاڪٽر فگار هڪڙو، ڊين نيچرل سائنسز ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، ڊين سوشل سائنسز ڊاڪٽر زرين عباسي، ڊين فئڪلٽي آف فارميسي ڊاڪٽر عبدالله دايو، ڊين فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ڊاڪٽر صالحه پروين ۽ ڊين فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن ڊاڪٽر جاويد چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شاگردن کي سيمسٽر امتحانن دوران بهتر سهولت ۽ آساني ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شاگردن کي ڪورس آئوٽ لائن فوري طور ڏني ويندي ته جيئن شاگرد تيار ڪري سگهن. جڏهن ته ڊسڪرپٽو (تفصيلي) يا ايم سي ڪيوز ٽائيپ امتحان وٺڻ جو اختيار لاڳاپيل ٽيچرن حوالي ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪورونا وائرس واري صورتحال سبب جيڪي استاد جيترو ڪورس مڪمل ڪرائي سگهيا، ان مان سوال تيار ڪن ته جيئن شاگرد ڪنهن به پريشاني بنا امتحان ڏئي سگهن.