سنڌ يونيورسٽي پاران ايل ايل بي 5 سالا پروگرام تحت صرف فيليوئر شاگردن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جو شيڊيول پڌرو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي هڪ پڌرائي ذريعي سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي لا ڪاليجن ۾ صرف فيليوئر شاگردن لاءِ امتحاني فارم ڀرڻ جو شيڊيول جاري ڪيو آهي. پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو ته ايل ايل بي 5 سالا پروگرام تحت (حصو پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون) زير تعليم فيليوئر شاگرد 4 فيبروري کان 15 فيبروريءَ تائين ليٽ فيءَ کانسواءِ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائي موجب 16 فيبروري کان 19 فيبروريءَ تائين اميدوار 5000 رپيا ليٽ في سان امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهندا. پڌرائي ۾ پرنسيپالز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 22 فيبروريءَ تائين هر صورت ۾ ڪنٽرولر آفيس ۾ ڄاڻايل امتحاني فارم جمع ڪرائين، فيليوئر شاگردن جي امتحاني في صرف 3500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/03/2021
Announcements
1024 x 768
Global South scholars call for decolonizing English curricula, multilingual teaching refor...
View Details → 04/09/2026
1024 x 768
OGDCL CSR team explores development projects at Sindh University
View Details → 04/09/2026
1024 x 768
VC lauds Sindh University boxer for winning national gold
View Details → 04/09/2026