سنڌ يونيورسٽي جي ٻن اسڪالرن سيد شرف علي شاهه ۽ عبدالقيوم مغيري پاران عوامي دفاع دوران پنهنجين پي ايڇ ڊي ٿيسز جو ڪاميابيءَ سان دفاع

سنڌ يونيورسٽي جي ٻن ريسرچ اسڪالرن سيد شرف علي شاهه ۽ عبدالقيوم مغيري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقد ٿيل عوامي دفاع دوران پنهنجين پي ايڇ ڊي ٿيسز جو ڪاميابيءَ سان دفاع ڪيو ۽ ترتيبوار تعليم ۽ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ جا اهل بڻجي ويا آهن. سيد شرف علي شاهه “سنڌ صوبي ۾ انگريزي مضمون جي تدريس جو جائزو وٺڻ وارو مطالعو: چيلينجز ۽ حل” تي سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر صالح پروين ۽ ڪو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ جي نگراني هيٺ پنهنجي ٿيسز مڪمل ڪئي. سيمينار فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، ايلسا قاضي ڪئمپس، يونيورسٽي آف سنڌ ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي ڪئي. اسڪالر جو چوڻ هو ته انگريزي سڀني هاءِ اسڪولن ۾ لازمي مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي پر پوءِ به ٻار انگريزي صحيح نٿا ڳالهائي سگهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسڪول ٽيچرز کي سکيا نه ٿي ڏني وڃي، جنهن سبب هو ٻارن کي عملي طور انگريزي نٿا سيکارين. ٻئي طرف اسڪالر عبدالقيوم مغيري سائنس فئڪلٽي جي ڊين آفيس ۾ پنهنجي ٿيسز پيش ڪئي ۽ ان جو ڪامياب دفاع ڪيو. هن پروفيسر ڊاڪٽر ظفر حسين ابوپوٽو، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ ڊاڪٽر غلام زهريٰ جي نگراني هيٺ پنهنجي تحقيق مڪمل ڪئي. ٻنهي اسڪالرن پاران پنهنجي ٿيسز جي ڪامياب دفاع کانپوءِ ٻئي پنهنجن شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ جا اهل بڻجي ويا.